اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) بين المذاهب هم آهنگي بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ۽ پاڪستان علماء ڪائونسل جي چيئرمين حافظ محمد طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته اڄ جو ڏي??هن قوم کي گڏ ڪر?? اڳتي وڌڻ جو ڏي??هن آهي، موجوده حڪومت جي دؤر ۾ اقليتن کي حق مليا آهن، جهڙيءَ ريت قوم اي پي ايس سانحي تي م??حد ٿي هئي اهڙيءَ طرح سيالڪوٽ واقعي تي قومي اتحاد جو مظاهرو ڪيو ويو. مسيح?? اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته آئين پاڪستان تحت زندگي گذاريندڙن کي ڪا پريشاني ناهي، اڄ جو ڏي??هن قوم کي گڏ ڪر?? اڳتي وڌڻ جو ڏي??هن آهي. هن چيو ته موجوده حڪومتي دؤر ۾ اقليتن کي حق مليا آهن. سيالڪوٽ ۾ هڪ چرچ ۾ بين المذاهب هم آهنگي تقريب جو بندوبست ڪيو پيو وڃي، ان ۾ مان پاڻ شرڪت ڪندس. هن چيو ته قومي م??ئلن ۽ دهشتگرديءَ جو حل قومي ايڪشن پلان ۾ آهي، نيشنل ايڪشن پلان تي نظرثاني ٿي رهي آهي. گذريل حڪومتن ۾ نيشنل ايڪشن پلان صرف مسجدن جا لائوڊ اسپيڪر لائڻ تي م??دود هو، وزيراعظم عمران خان ??ن حوالي سان هڪ ميٽنگ ڪري چڪو آهي. هن چيو ته اڄوڪي ڏي??هن اي پي ايس سانحو ٿيو هو، ان عزم سان آغاز ڪري رهيا آهيون ته پاڪستان سڀني جو آهي، اسان پاڪستان جي بچاءَ ۽ ترقي لاءِ ملي ڪري ڪم ڪنداسين، جهڙيءَ طرح قوم اي پي ايس سانحي تي م??حد ٿي اهڙيءَ طرح ئي سيالڪوٽ واقعي تي قومي اتحاد جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته اسان وٽ توهين مذهب جو 137 شڪايتون آيون، جيڪڏهن ڪو توهين ڪري ٿو ته ان جي شڪايت کڻي عدالت ۾ يا پوليس وٽ وڃو، ??ن حوالي سان قانون موجود آهي، ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه آهي.
قوم اي پي ايس سانحي تي جيئن متحد ٿي هئي اهڙيءَ طرح سيالڪوٽ واقعي تي قومي اتحاد جو مظاهرو ڪيو ويو: حافظ طاهر محمود اشرفي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر