بيجنگ – 30 – مارچ (اي پي پي) چين ۾ منعقد افغانستان جي پاڙيسري مل??ن جي ٽئين اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه ??حمود قريشي س??ن اربع تي هوانگ شان جي چيني اسٽيٽ ڪائونسلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير چين جي رياستي ڪائونسل ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي س??ن چين جي شهر هوانگ شان جي تونسي ڊسٽرڪٽ ۾ ٻطرفي ملاقات ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ چين ۾ مقرر پ??ڪستاني سفير معين الهق به ساڻس گڏ هو، پرڏيهي وزير موجب چيني پرڏيهي وزير وانگ يي افغانستان جي پاڙيسري مل??ن جي ٽئين اجلاس ۾ شرڪت ۽ چين اچڻ تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه ??حمود قريشي جو ٿوروا دا ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن ان کان اڳ 21 مارچ 2022ع تي اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي هئي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي اسٽريٽجڪ، اقتصادي ۽ سيڪيورٽي تعاون تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ عالمي وبا، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به گفتگو ٿي. پرڏيهي وير پ??ڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ چين جي مرڪزي حيثيت جو حوالو ڏيندي ”پاڪ چين آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽوپارٽنرشپ“ کي وڌيڪ گهرو ۽ مضبوط بڻائن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزير پ??ڪستان جي پاران چين جي ”ون چائنه“ پاليسي ۽ چين جي بنيادي مفادن جي حهمايت جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزير پ??ڪستان جي خودمختياري علائقائي س??لميت، سياسي استحڪام ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ مسلسل حمايت تي چين جو ٿوروا دا ڪيو، گذريل مهيني وزيراعظم جي چين جي دوري ۽ اسٽيٽ ڪائونسل وانگ يي جي اسلام آباد جي دوري جو تذڪرو ڪندي پرڏيهي وزير پ??ڪ چين لاڳاپن جي واڌاري جي رفتار کي خوش آئنده قرار ڏنو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن اتفاق ڪيو ته سي پيڪ فيز II جي اعليٰ معيار، صنعتي ترقي، زرعي شعبي ۾ جدت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جهڙن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون، گهن رخي حصيداري جو مظهر آهي، پرڏيهي وزير افغانستان بابت لاڳاپيلا جلاس جي ميزباني تي چين جو ٿورو ادا ڪيو. پرڏيهي وزير مل?? ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ ۽ سي پيڪ جي افغانستان تائين توسيع جي ذريعي علائقائي رابطن کي آسان بڻائڻ لاءِ پاڪستان، چين سان گڏوگڏ افغانستان جي ٻين پاڙيسري مل??ن جي وچ ۾ گهرا رابطن جي تسلسل تي زور ڏنو.
پاڪستان جي پرڏيهي وزير سان هوانگ شان جي چين جي اسٽيٽ ڪائونسلر ۽ پرڏيهي وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے