نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گڏي?? قومن جي منشور، اصولن تي ??نهنجي وابستگي، اعتماد کي ورجائڻ، انهن اصولن جي بنياد تي ??ڏي ۽ ننڍين رياستن جي وچ ۾ تڪرارن جي حل کي فروغ ڏيڻ ضروري آهي، گذريل 7 ڏهاڪن دوران ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي گڏي?? قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي لاءِ گڏي?? قومن جي مڪينزم جي ڪوششن ۾ رڪاوٽون وڌيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏي?? قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي ثالثي جي ذريعي انساني بحران کان بچڻ بابت گڏي?? قومن جي ثالثي دوست گروپ جي 12 هين وزارتي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته بليڪ سي گرين انيشيٽو جي ڪاميابي سان ثالثي ڪرڻ تي گڏي?? قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ ترڪيءَ جي صدر اردوان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته تڪرارن جي روڪٿام ۾ گڏي?? قومن جو اهم ڪردار آهي، گڏي?? قومن جو ??نشور بحران جي تڪرارن جي حل لاءِ هڪ ٺوس فريم ورڪ آهي، تڪرارن جي ڪنهن به مرحلي تي سلامتي ڪائونسل ڌرين کي پنهنجي تڪرارن جي حل جي مناسب طريقيڪار يا طريقن جي سفارش ڪري سگهي ٿي جنهن ۾ منشور جي باب 6 تحت ثالثي به شامل آهي. هن چيو ته آرٽيڪل 37 ۽ 38 تحت سلامتي ڪائونسل جي ڌرين کي حل جي شرن جي سفارش ڪرڻ جو اختيار به حاصل آهي، جيڪڏهن اهي ان جي درخواست ڪن ٿا يا جيڪڏهن ڪائونسل اهو سمجهي ٿي ته انهن جي وچ ۾ تڪرارن جو جاري رهڻ ۽ حقيقتون عالمي امن ۽ سلامتي جي قيام کي خطري ۾ وجهي سگهن ٿا، سلامتي ڪائونسل ان بنيادي مينڊيٽ تي عملدرآمد جي لاءِ ثالثي ڪرڻ جي لاءِ ذيلي ادارا به قائم ڪيا آهن. هن چيو ته منشور تي صحيحون اٽڪل 77 سالن کانوءِ امن ۽ سلامتي کي درپيش چئلينجز ۽ خطرا وڌيڪ پيچيده آهن پر چارٽر جي مقصدن ۽ اصول بدستور درست ۽ ناقابل تغير آهي، انهن اصولن تي ??نهنجي وابستگي ۽ اعتماد کي ورجائڻ ۽ انهن اصولن جي بنياد تي ??ڏي ۽ ننڍين رياستن جي وچ ۾ تڪرارن جي حل کي فروغ ڏيڻ ضروري آهي. پرڏيهي وزير چيو ته سيڪريٽري جنرل جو امن جي لاءِ سفارتڪاري ۾ اضافي جو بار بار مطالبو فوري ۽ اهم آهي ۽ سفارتڪاري جي ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏي?? قومن کي تڪرارن جي حل لاءِ ثالثي سميت ٻين ذريعن کي استعمال ۾ آڻڻ گهرجي. هن چيو ته جيتوڻيڪ گڏي?? قومن کي تڪرارن جي سياسي حل ۾ ثالثي ڪرڻ ۾ ڪيتريون ئي ڪاميابيون مليون آهن پر ان کي وڌيڪ ڪاميابين جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار ڪائونسل جي ايجنڊا تي ??راڻن تڪرارن مان هڪ آهي، شروع ۾ سلامتي ڪائونسل فيصلو ڪيو ته رياست ڄمون ۽ ڪشمير جو حتمي فيصلو عوام جي امنگن موجب حل ڪيو ويندو جنهن جو اظهار جمهوري طريقي سان گڏي?? قومن جي اهتمام هيٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبدراڻي راءِ شماري جي ذريعي ڪيو ويندو، سلامتي ڪائونسل ڄمون ۽ ڪشمير بابت پنهنجي فيصلن تي عملدرآمد جي لاءِ ڪيترائي مڪينزم به قائم ڪيا، انهن ۾ گڏي?? قومن جي ڀارت ۽ پاڪستان بابت ڪميشن، پاڪستان ۽ ڀارت ۾ گڏي?? قومن جي فوجي مبصر گروپ جي مقرري ۽ پاڪستان ۽ ڪيترن ئي خصوصي نمائندن جي مقرري شامل آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بدقسمتي سان گذريل 7 ڏهاڪن دوران ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي گڏي?? قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي لاءِ گڏي?? قومن جي مڪينزم جي ڪوششن ۾ رڪاوٽون وڌيون، ڀارت جي غيرقانوني قدمن جو تسلسل 5 آگسٽ 2019ع تي ۽ ان کانپوءِ کان ڄمون ۽ ڪشمير جي والاريل علائقي کي قانوني جواز يا راءِ شماري کانسواءِ الحاق ڪرڻ جي هڪطرفي قدمن مان ظاهر ٿيو، ان مقصد جي لاءِ پاڪستان گڏي?? قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ سيڪريٽري جنرل پاران وڌيڪ فعال ڪردار جو خواهشمند آهي. هن گڏي?? قومن جي سيڪريٽري جنرل تي زور ڏنو ته هو گڏي?? قومن جي منشور جي آ??ٽيڪل 99 تحت ثالثي جي قدمن کي استعمال ۾ آڻي ته جيئن ڀارت کي پنهنجي هڪطرفي قدمن کي واپس وٺڻ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرارن جي منصفاڻي حل تي عملدرآمد تي راضي ڪري سگهجي، ان تڪرار بابت سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ گڏي?? قومن جي منشور تي عملدرامد جي لاءِ سلامتي ڪائونسل کي سيڪريٽري جنرل جي مڪمل حمايت ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان کي هن گروپ جو ??يمبر هجڻ تي ??خر آهي.
گڏيل قومن جي منشور موجب رياستن جي وچ ۾ تڪرارن جي حل کي فروغ ڏيڻ ضروري آهي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام