شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪوپ 27 سربراهي ڪانفرنس جي موقعي تي عراق، تاجڪستان، ا??ڊو??يشيا جي صدرن ۽ لبنان جي وزيراعظم ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مصر ۾ موسمياتي تبديلين جي عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ ڪوششن تي وزيراعظم شهباز شريف سڀني جي نگاهن جو مرڪز بڻجي ويو، عالمي اڳواڻن وزيراعظم جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ مسلسل موجودگي کي غيرمعمولي جذبو قرار ڏنو. ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف مصروف ڏينهن گذاريو. هن ڪوپ 27 سربراهي ڪانفرنس جي موقعي تي شرم الشيخ ڪانگريس سينٽر ۾ اهم عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم سان عراق جي صدر عبداللطيف راشد، تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان، ا??ڊو??يشيا جي صدر جوويدود جدا جدا ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف سان لبنان جي وزيراعظم نجيب ميڪاتي پڻ ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف ا??ڊو??يشيا جي صدر سان ڳالهائيندي چيو ته کاڄرو تيل جي فوري پهچ تي توهان جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. ا??ڊو??يشيا جي صدر چيو ته پاڪستان اسان جو ڀاءُ آهي، هر ممڪن مدد تي خوشي ??يندي. وزيراعظم شهباز شريف ا??ڊو??يشيا جي حڪومت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. وزيراعظم تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته تاجڪستان جو صدر هلندڙ سال ڊسمبر ۾ پاڪستان ايندو. ٻنهي اڳواڻن ۾ موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. غيرملڪي اڳواڻن پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهين ۽ جاني نقصانن تي افسوس جو ا??هار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته موسمياتي تبديلين سان پوري دنيا متاثر ٿي ره?? آهي، ان جا منفي اثر گهٽ ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون لازم?? آهن. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مدد تي عالمي برادري جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ عالمي اڳواڻن ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪوپ 27 سربراهي ڪانفرنس جي موقعي تي عراق، تاجڪستان، انڊونيشيا جي صدرن ۽ لبنان جي وزيراعظم جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش