شرم الشيخ – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته موسمياتي تبديلي جو بار برابري جي بنياد تي نه منصفاڻي طور تي ورڇ ٿيڻ گهرجي، هي موسمياتي انصاف جو معاملو آهي، موسمياتي تبديلي جا اثر سڀ کان وڌيڪ ڪمزور طبقي تي پون ٿا، پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ ??ان 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا، 4410 ملين ايڪڙ زرعي زمين کي نقصان پهتو آهي، اٽڪل 40 لک ٻارن کي صحت جي خدمتن تائين پهچ حاصل نه آهي، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدم نه کنيا ويا ته دنيا ۾ 2050ع تائين 216 ملين ماڻهو بي گهر ٿي ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناروي جي وزيراعظم جوناس گهرسٽور ??ان گڏ موسمياتي تبديلي ۽ ڪمزور ڪميونٽيز جي استحڪام جي موضوع تي ڪانفرنس جي گڏيل صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ا??ان سڀ ان ڳالهه تي متفق آهيون ته موسمياتي تبديلي هن ڏهاڪي جو اهم بحران آهي ۽ ا??ان ان جي خلاف پنهنجي گڏيل ويڙهه جي تاريخي لمحي ۾ آهيون. ا??ان وٽ خاص طور تي اهڙن ملڪن ۽ ڪميونٽيز جيڪي انتهائي خطري ۾ آهن، جي لاءِ ڪا ٻي زمي?? نه آهي. هن چيو ته هاڻي اها هڪ مڃيل سائنسي ح??يقت آهي ته موسمياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ ا??ان جي منصوبابندي کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ تيزي ??ان ٿي رهي آهي، اها به هڪ مڃيل حقيقت آهي ته اسرندڙ يا گهٽ ترقي يافته ملڪ ۽ ڪميونٽيز جيڪي فرنٽ لائين تي آهن، کي مدد جي ضرورت آهي، ڪيترائي ملڪ خاص طور تي آفريقي ملڪ جيڪي تباهي آڻيندڙ سوڪهڙي کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڪمزور قومن جي گروپ ۾ اچن ٿا، پوءِ به ا??ان وانگر گهٽ اخراج وارا ملڪ زندگي ۽ روزگار جي ح??الي ??ان تبديل ٿيندڙ خطرن کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته منهنجو پنهنجو ملڪ به ان صورتحال ??ان گذري رهيو آهي ۽ هن وقت به اهڙي طرح جي ڪيفيت ا??ان کي درپيش آهي، پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ تيزي ??ان ا??ان جي ذهنن کي ان ڳالهه تي مرڪوز ڪري ڇڏيو آهي ته اهڙي طرح جي موسمياتي تبديلي جا اثر سڀ کان وڌيڪ ڪمزور طبقي تي پون ٿا. وزيراعظم چيو ته جيئن ته ا??ان سڀ ڄاڻون ٿا، موسمياتي تبديلي ۽ تڪرار عورتن ۽ ٻارن ??ان گڏوگڏ غريب ترين ماڻهن کي پڻ متاثر ڪن ٿا. ٻوڏ کان متاثر 33 ملين ماڻهن مان اڌ کان وڌيڪ انگ عورتن ۽ ٻارن جو آهي جن مان 6 لک 50 هزار حاملا عورتون کليل آسمان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. ا??ان جي آبادگارن ۽ چوپايو مال ??اليندڙن جو انهن جي اکين آڏو روزگار تباهه ٿي ويو. 4410 ملين ايڪڙ زرعي زمين کي نقصان پهتو آهي، سنڌ ۾ ڪپهه جي پوري فصل ختم ٿي وئي آهي. اٽڪل 40 لک ٻارن کي صحت جي سهولتن تائين په?? نه آهي. هن چيو ته اڪثر موسمياتي آفتون خاص طور تي ٻوڏ ۽ ان کانپوءِ صحت جهڙا مسئلا جنم وٺن ٿا جن ۾ جسماني ۽ ذهني صحت ٻئي شامل آهن. متاثر علائقن جي دوري دوران ڪئمپن ۾ مشڪلاتن جو شڪار ماڻهن کي ڏٺو آهي ۽ هڪ هفتو اڳ تائين 82 لک ماڻهن کي صحت جي خدمتن جي فوري ضرورت هئي. آئون سمجهان ٿو ته اهڙي طرح جي صحت جي هنگامي صورتحال ??ن براعظم ۾ به عام آهي ۽ هتي سڀني کي اهو ياد ڏيارڻ ضروري آهي ته اهي شديد موسم، بشمول سوڪهڙي جي ڪري وڌن ٿا ۽ اهو نئون معمول نه بڻجڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته انسانيت موسمياتي تبديلي جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، قابل قبول موسمياتي تبديلي جي حد اڳ ۾ ئي عبور ٿي چڪي آهي، پاڪستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو يقينن پاڪستان ۾ نه رهندو ۽ ان جو ثبوت نائجيريا ۽ ڏکڻ سوڊان ۾ موسمياتي تبديلين جي تازي اثرن مان ظاهر ٿئي ٿو. وزيراعظم چيو ته عالمي بئنڪ جو اندازو آهي ته جيڪڏهن ا??ان موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هاڻي قدم نه کنيا ته 2050ع تائين 216 ملين ماڻهو بي گهر ٿي ويندا. هن چيو ته پاڪستان ان ڳالهه کان چڱي ريت آگاهه آهي ته پٺتي پيل، معذور، غريب ۽ سماجي طور تي ڪمزور ماڻهن جي زندگين تي موسمياتي تبديلي جا گهرا اثر پون ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ تمام گهڻي انگ ۾ گليشيئرز موجود آهن ۽ برف پگهرڻ جي سراسري شرح ٽي سيڪڙو آهي. پاڪستان حڪومت 2018ع ۾ ڪل پروٽيڪٽيڊ ايرياز کي 12 سيڪڙو مان وڌائي 2023ع تائين 15 سيڪڙو ڪرڻ جي مقصد ??ان گڏ ”محفوظ علائقن جا قدم“ جي شروعات ڪئي ۽ اهو هدف حاصل ڪيو ويو. هي ڪانفرنس انسانيت جي ح??الي ??ان هڪ اهم موقعي تي ٿي رهي آهي. ا??ان کي موسمياتي تبديلي جي اثرن جو مسئلو فوري ح?? ڪرڻ جي ضرورت آهي، موسمياتي تبديلي جو بار برابري جي بنياد تي نه منصفاڻي طور تي ورڇ ٿيڻ گهرجي. اهو موسمياتي انصاف جو معاملو آهي، ا??ان کي گهرجي ته ان موقعي کي استعمال ۾ آڻيندي دنيا جي سڀ کان ڪمزور قومن جي مستقبل کي محفوظ بڻايون.
موسمياتي تبديلي جو بار برابري جي بنياد تي نه منصفاڻي طور تي ورڇ ٿيڻ گهرجي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز