اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلا??ل ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان کي شديد ترين ماحولياتي تبديليون درپيش آهن، تازي ٻوڏ ۽ برساتن سان ملڪ ج?? اڪثر حصو پاڻي هيٺ آهي، معاشي بحالي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون، سمورين لاڳاپيل ڌرين کي هن مشڪ?? گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي مدد ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي اين بي سي کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. بلا??ل ڀٽو زرداري چيو ته ڪوپ – 27 ماحولياتي تبديلي جي اثرن، نقصانن ۽ بحالي جي حوالي سان انتهائي اهم آهي، ماحولياتي تبديلي جي نقصانن کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي، پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ پڻ موسمياتي تبديلي جي ڪري آئي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ، خطرن کان بچڻ ۽ بحالي جي لاءِ پوري دنيا جي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ڇو ته موسمياتي تبديلي هڪ عالمي مسئلو بڻجي چڪو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان کي ٻوڏ ۽ قدرتي آفتون درپيش آهن، ٻوڏ جي ڪري پاڪستان کي شديد جاني ۽ مالي نقصان کڻڻو پيو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ حصيداري کي فروغ ڏئي رهيا آهيون، پاڪستان کي مالي طو?? تي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان کي ماحولياتي تبديلي جي ڪري ايندڙ ٻوڏ سان تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، دنيا کي موسمياتي تبديلين سان پيدا ٿيندڙ مسئلن کي حل ڪرڻو پوندو. بلا??ل ڀٽو زرداري چيو ته عالمي برادري جي ا??ا ذميواري آهي ته اها ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ان جو حل ڳولي.
پاڪستان کي شديد ترين ماحولياتي تبديليون درپيش آهن، تازي ٻوڏ ۽ برساتن سان ملڪ جو اڪثر حصو پاڻي هيٺ آهي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب