اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اٽلي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته دفاع، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت صنعتي شعبي ۾ لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستاني آءِ ٽي ماهر پنهنجون خدمتون ۽ مصنوعات اٽلي ۽ يورپ ۾ فراهم ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو ا??هار هن اٽلي جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير علي جاويد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ نوان رستا ڳولي سگهجن ٿا، دفاع، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت صنعتي شعبي ۾ لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستاني آءِ ٽي ماهر پنهنجون خدمتون ۽ مصنوعات اٽلي ۽ يورپ ۾ فراهم ڪري سگهن ٿا، اٽلي ۾ پاڪستاني سفير ۽ سمورو ذيلي عملو پنهنجون توانائين پاڪست??ني?? کي درپيش مسئلن جي حل تي مرڪوز رکي، نامزد سفير اٽلي ۾ رهندڙ پاڪست??ني?? کي ضروري مدد ۽ مشاورت جون خدمتون فراهم ڪري. هن چيو ته ن??مزد سفير پاڪستان ۾ چيمبرز آف ڪامرس ۽ پاڪستان جي وڏي صنعتي ۽ مينوفيڪچرنگ ادارن سان ويجهو رابطو رکي، صنعتي يونٽس پاڪستان منتقل ڪرڻ جي لاءِ اطالوي سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي، اطالوي سيڙپڪاري پاڪستان ۾ سستي افرادي قوت، خام مال ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻن. صدر چيو ته پاڪستان ۽ اتلي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي مسئلن خاص طور تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن تي هڪ جهڙا خيال رکن ٿا، پاڪست??ني?? جو وڏو انگ اٽلي ۾ رهي ٿو، انهن جي ڀلائي کي سڀ کان وڌيڪ ترجيح ڏيڻ گهرجي. صدر چيو ته ڀارت پاران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلمن، ڌمڪين، هراس??، ڪمزور اقليتن خاص طور تي مسلمانن سان بدسلوڪي ۽ ڀارت ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن سان ڀارت ۾ رهندڙ مسلمانن جي جان ۽ مال کي سنگين خطرا آهن. هن چيو ته 2013ع ۾ ٻنهي ملڪن صحيحون ٿيل اسٽريٽجڪ انگيجمنٽ پلان ٻطرفي ۽ گڏيل تعاون جي فروغ لاءِ بهترين فريم ورڪ آهي. هن چيو ته ن??مزد سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته اٽلي يورپي يونين ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو حصيدار آهي جڏهن ته هو دنيا ۾ پاڪستان جي 10 وڏن واپاري حصيدارن ۾ پڻ شامل آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ 1.3 ارب ڊالر جو واپاري ڪاٿو انهن جي حقيقي صلاحيتن موجب نه آهي، واپاري ڪاٿي ۾ اضافي جي لاءِ ٺوس ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته اٽلي ۾ اتڪل 2 لک پاڪستاني رهن ٿا جيڪي اٽلي جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري هيا آهن. هن انهن پاڪست??ني?? جي ترجيحي بنيادن تي ڀلائي تي زور ڏنو. هن چيو ته ن??مزد سفير روايتي معاشي سفارتڪاري جي ذريعي تعاون جا نوان موقعا خاص طور تي اسٽارٽس اپ جي لاءِ موقعا ڳوليندو.
اٽلي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دفاع، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت صنعتي شعبي ۾ لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات