پشاور – 15 – مارچ (اي پي پي) خاتون اول ثمينه عارف علوي صوابي ۾ راشد م??موريل ويلفيئر آرگنائيزيشن جو ??فتتاح ڪري ڇڏيو. هن صوابي جي علائقي عالم آباد ۾ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پٺتي پيل علائقن ۾ اهڙي طرح جي آرگنائيزيشنز ??لڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪنديون. هن چيو ته عورتن جي تعليم انتهائي ضروري آهي عورتون پڙهنديون ته نئين نسل کي ماءُ جي هنج مان تعليم سان ليس ڪندي، هتي هزارين ٻارن جي لاءِ تعليم جا دروازا کلي رهيا آهن، اسٽريٽ چلڊرنز کي به تعليم ڏيڻ گهرجي، ان جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته اسان جي ??لڪ ۾ اڃا به تعليم جي شرح تمام گهٽ آهي، عمارت مان تعليم حاصل نه ٿي ٿي سگهي ٽيچرز سٺا ۽ محنتي هجڻ گهرجن. خاتون اول چيو ته راشد م??موريل کي وڌيڪ ڳوٺاڻن علائقن تائين سگهه ڏيڻ گهرجي، عورتن کي تعليمي ۽ مالياتي لحاظ کان خودمختيار هجڻ گهرجي ۽ انهن کي تعليم سان گڏ هنر به سيکارڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته ٽيچرز جي تربيت تمام ضروري آهي ته جيئن اهي اڳتي ٻارن کي بهتر طور تي پڙهائي سگهن، ان سان گڏوگڏ استادن جي عزت به تمام ضروري آهي. هن چيو ته راشد م??موريل آرگنائيزيشن ٻارن جي تعليم سان گڏوگڏ ??لڪ جي ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن کي صحت جون بهتر سهولتون پڻ فراهم ڪري رهي آهي جنهن جي جيتري تعريف ڪئي وڃي گهٽ آهي. هن چيو ته صوابي جي مقامي ڪميونٽي کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿي ته اها راشد م??موريل ويلفيئر آرگنائيزيسن جو ??اٿ ڏين ته جيئن اهي توهان جي ٻارن کي تعليم جي زي??ر سان ليس ۽ انهن جي بهتر صحت ۾ توهان جي مدد ڪري. هن چيو ته اسان کي گڏجي هن ??لڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان به ترقي ڪريون ۽ اسان جو ??لڪ به ترقي جون منزلون طئي ڪري.
خاتون اول ثمينه عارف علوي پاران صوابي ۾ راشد ميموريل ويلفيئر آرگنائيزيشن جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری