اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آه?? ته پرڏيهي وزارت جي معاملن ۾ بهتري جي لاءِ سڌارا ڪيا پيا وڃن، ”شيئر پاڪستان پورٽل“ جي ذريعي عالمي سطح تي پاڪستان جو بهتر تشخص اجاگر ٿيندو ۽ عوامي ۽ اداراجاتي سفارتڪاري ۾ بهتري ايندي. ”شيئر پاڪستان پورٽل“ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته جڏهن کان مون پاڪستان جي پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀاليو آه??، اسان محسوس ڪيو ته اسان جي انتظاميا کي پيراڊائم شفٽ جي سخت ضرورت آه??. هن چ??و ته اسان انتظامي سڌارن جي ذريعي پنهنجي مينڊيٽ کي موثر طريقي سان ادا ڪرڻ جي وزارت جي صلاحيت کي بهتر بڻائڻ جي عزم طور ”پرڏيهي وزير جي تبديلي جا انتظامي قدم“ جي حصيداري ڪئي آه??. ان سلسلي ۾ مون پنهنجي آفيس سان گڏوگڏ پرڏيهي معاملن واري وزارت ۽ ٻاهرئين ملڪ اسان جي مشنز جي سمورن فنڪشنز جي سلسلي جي ماهرن جي هڪ ٽيم کي مختلف ڪمن بشمول انساني وسيلن، ماليات، لاجسٽڪس، ڪميونيڪشن، قونصلر، پروٽوڪول اينڊ ڪميونٽي سروسز، ڊيجيٽلائيزيشن، قاعدن، پاليسين ۽ طريقيڪار ۾ آساني بابت ڪيترن ئي سڌارن تي غور فڪر ڪرڻ جي لاءِ مقرر ڪيو آه??. پرڏيهي وزير چيو ته منهنجي ”چينج مئنيجمينٽ انيشي ايٽو“ جو مقصد ورڪ ڪلچر کي ترقي ڏيڻ آه?? جيڪو نتيجن ۽ بهتر پيداواري صلاحيت، جدت طرازي ۽ فيصلا سازي کي ڪارڪردگي جي ويجهو آڻڻ تي وڌيڪ مرڪوز آه??. اسان جي افرادي قوت ۽ پاڪستان جا قابل سفارتڪار اسان جو سڀ کان قيمتي اثاثو آه??. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئون ”چينج مئنيجمينٽ انيشي ايٽو“ بابت هڪ جامع رپورٽ جاري ڪرڻ جو منتظر آه??ان جيڪا اسان جي سف??رت?? خدمتن کي وڌيڪ بهتر بڻائيندي جيڪا جديد دنيا جي نئين حقيقتن ۽ چئلينجن جو جواب ڏيڻ جي لاءِ بهتر طريقي سان ليس هوندي. هن چ??و ته منهنجي ”تبديلي جي انتظام جا قدم“ جو هڪ اهم ٿنڀ وزارت ۽ ٻاهرئين ملڪ اسان جي سف??رت?? مشنز جي وچ ۾ هموار رابطو هوندو. ان سلسلي ۾ اڄ مون کي پرڏيهي وزارت پاران اين آئي ٽي بي جي تعاون سان تيار ڪيل ”شيئر پاڪستان“ پورٽل جو افتتاح ڪندي خوشي ٿي رهي اهي. شيئر پاڪستان پورٽل اسان جي ٻاهرئين ملڪ مشنز پاران ڪئي ويندڙ عوامي سفارتڪاري جي سرگرمين جي ڊيجيٽل ذخيري جي طور تي ڪم ڪندو. ان آن لائين معياري معلوماتي نظام جي ذريعي اسان پاڪستاني پرڏيهي پاليسي جي مقصدن جي تعميل ۾ عوامي سفارتڪاري جي قدمن جي اثرن جي پيمائش ۽ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي قابل ٿي وينداسين. هن چ??و ته شيئر پاڪستان ان قدم تحت شروع ڪيو ويندڙ پهريون منصوبو آه?? ۽ ٽارگيٽيڊ ڪميونيڪشن ۽ معلومات جي مٽاسٽا جي لاءِ هڪ محرڪ طور ڪم ڪندو. ان کي پرڏيهي وزارت ۽ ٻاهرئين ملڪ ان جي سف??رت?? پوسٽن جي وچ ۾ عوامي سفارتڪاري جي دائري ۾ معلومات جي حصيداري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آه??. هن چ??و ته هي پورٽل اسان جي مختلف عوامي سفارتڪاري جي قدمن ۾ ڪارڪردگي ۽ شفافيت آڻيندو ڇو ته اسان ٻاهرئين ملڪ سمورن مشنز ۾ عوامي پروگرامن جي معيار ۽ مقداري اثرن جي هڪ معياري تشخيصي ٽول کي شامل ڪري ٿو. ڊيجيٽلائيزيشن هاڻي اختياري نه آه?? ۽ عالمي سطح تي شيئر پاڪستان کي شروع ڪري هي وزارت تازه ترين رجحانن ۾ پڻ قدم وڌائي رهي آه??. اهو پيپر ليس ڊيجيٽل ٽول پهريون پورٽل لانچ آه?? جيڪو اسان جي پبلڪ ڊپلوميسي اسٽريٽجڪ آئوٽ ريچ ڪوششن ۽ اداري ٻنهي ۾ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز جي انضمام جو احاطو ڪري ٿو. ان کي ڊپلوميسي ۾ آئوٽ ريچ فيصلي جي حمايت، اسٽريٽجڪ ڪميونيڪشن جو مسودو تيار ڪرڻ، پرڏيهي پاليسي جو ترجمو ڪرڻ ۽ تازه ترين رجحانن جي تجزيي جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو. پرڏيهي وزير چيو ته مون کي يقين آه?? ته ڊيجيٽل ٽول وزارت ۽ ان جي مشنز جي وچ ۾ ڪارائتي ۽ موثر رابطي جي لاءِ مستقبل جي پراجيڪٽس جي لاءِ ماڊل طور ڪم ڪري سگهي ٿو. اسان کي اميد آه?? ته اهڙي طرح پرڏيهي وزارت ۽ پاڪستان حڪومت جي ورڪ ڪلچر ۾ تبديلي ايندي. هن چ??و ته اسان کي اها به اميد آه?? ته هي پورٽل پرڏيهي وزارت جي ٻين سرڪاري ادارن سان رابطي ۾ ڪميونيڪشن سسٽم ۽ آءِ ٽي تي ٻڌل حل کي آسان بڻائڻ ۽ بين ڊپارٽمينٽ ڪوآرڊينيشن جي سهولت فراهم ڪرڻ جو پهريون قدم هوندو. پرڏيهي وزير ”شيئر پاڪستان“ پورٽل تيار ڪرڻ ۾ پرڏيهي معاملن واري وزارت سان حصيداري ڪرڻ تي اين آئي ٽي بي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي تعاون جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ان جو مقصد اهو آه?? ته اسان جي عوامي سفارتڪاري جون سرگرميون وڌيڪ نمايان ٿين ۽ گهربل پرڏيهي پاليسي جا هدف حاصل ڪري سگهون. آئون هن پورٽل جي ڪامياب شروعات تي ترجمان جي آفيس ۽ اسٽريٽجڪ ڪميوٽيشن ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو.
پرڏيهي وزارت جي معاملن ۾ بهتري جي لاءِ سڌارا ڪيا پيا وڃن: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن