اسلام آباد / مظفر آباد – 16 – مئي (اي پي پي) پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان پيپلزپارٽي آزا?? ڪشمير جي اڳواڻن اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي ۽ والاريل سرينگر ۾ ڀارت پاران جي – 20 ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي پنهنجي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪندڙن ۾ پيپلزپارٽي آزا?? ڪشمير جو صدر چوڌري محمد ياسين، مخالف ڌر اڳواڻ چوڌري لطيف اڪبر، سردار يعقوب، فيصل راٺوڙ، جاويد ايوب، ميان وحيد، جاويد بڍانوي، قاسم مجيد، بازل نقوي، نبيلا ايوب، عامر ياسين ۽ سردار ضياءَ قمر شامل هئا. ان موقعي تي وزيراعظم جو ڪشمير معاملن وارو صلاحڪار قمر زمان ڪائره پڻ موجود هو. پاڪستان پيپلزپارٽي آزا?? ڪشمير جي اڳواڻن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي آگاهه ڪيو ته ڀارت ۾ ٿيندڙ جي – 20 ڪانفرنس جو والاريل سرينگر ۾ منعقد ٿيڻ ڪشميرين جي لاءِ ناقابل قبول آهي. هنن بلاول ڀٽو زرداري کي والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ جي – 20 ڪانفرنس دو??ان مظفر آباد ۽ باغ جي دو??ي جي دعوت ڏني ۽ درخواست ڪئي ته هو ان موقعي تي ڪشميرين جو ڪيس دنيا آڏو پيش ڪري. پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ملاقات دو??ان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ڪشمير جو ڪيس منهنجي ترجيحن ۾ سرفهرست آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي آزا?? ڪشمير جي اڳواڻن جي باغ ۽ مظفرآباد جي دو??ي جي دعوت قبول ڪري ورتي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جي – 20 ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي حوالي سان سمورين سياسي پارٽ??ن کي اعتماد ۾ وٺن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي آزا?? ڪشمير جي دعوت تي پناهگيرن سان ملاقات پڻ ڪندو ان موقعي تي سول سوسائٽي سان پڻ رابطا ٿيندا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري باغ، آزا?? ڪشمير ۾ احتجاجي جلسي کي خطاب ڪندو ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪندو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي اڳواڻن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین