اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت روينيو ڊ??يزن جي 12 جاري ۽ 4 نئين منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي 3200 ملين رپين جا فنڊز رکڻ جي تجويز ڏني آهي جنهن ۾ 300 ملين رپين جي پرڏيهي امداد پڻ شامل آهي. پي ايس ڊي پي دستاويزن موجب جاري منصوبن ۾ ريجنل ٽيڪس آفيس ايبٽ آباد ۾ ايڊيشنل آفيس بلاڪ جي ??عم??ر جي لاءِ 84.65 ملين رپيا، آر ٽي او ساهيوال ۾ اضافي بلاڪ جي ??عم??ر لاءِ 282 ملين رپيا، ڪسٽمز ڪمپليڪس سوست آفيس جي منصوبن لاءِ 250 ملين رپيا، ماڊل ڪسٽمز ڪلڪٽوريٽ گوادر جي ??عم??ر لاءِ 124.24 ملين رپيا، انٽيليجنس اينڊ انويسٽي گيشن افيس ڪراچي جي ??عم??ر جي لاءِ 125 ملين رپيا، ريجنل ٽيڪس آفيس اسلام آباد جي ??عم??ر لاءِ 124.63 ملين رپيا، ريجنل ٽيڪس آفيس سرگوڌا جي ??عم??ر لاءِ 300 ملين رپيا، ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي معاونت سان اينٽگريٽڊ ٽرانزٽ ٽريڊ مئنيجمينٽ ??سٽم جي لاءِ 415.62 ملين رپيا، بلوچستان ۾ مختلف ڪسٽمز چيڪ پوس??س جي ??عم??ر جي لاءِ 432.71 ملين رپيا، غلام خان ۾ آفيس ۽ ٽرانزٽ اڪاموڊيشن جي منصوبي لاءِ 50 ملين رپيا، پاڪستان ريزيز روينيو پروگرام جي لاءِ 200 ملين رپيا ۽ اماڪ ڊي آءِ خان ۾ ڪسٽمز هائوس چيڪ پوسٽ جي ??عم??ر جي منصوبي لاءِ 42.12 ملين رپين جي فنڊز رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. بجيٽ دستاويزن موجب روينيو ڊ??يزن جي 4 نئين منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي 680.52 ملين رپين جا فنڊز رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، نئين منصوبن ۾ گوادر ۾ زونل آفيس اينڊ ٽرانزٽ اڪاموڊيشن جي منصوبي لاءِ 50 ملين رپيا، طورخم ڪسٽمز اسٽيشن ۾ ٽرانزٽ اڪاموڊيشن جي منصوبي لاءِ 77.22 ملين رپيا، ريجنل ٽيڪس آفيس جي لاءِ زمين جي خريداري جي منصوبي لاءِ 140.27 ملين رپيا ۽ گجرات ۾ ريجنل ٽيڪس آفيس جي لاءِ زمين جي خريداري جي منصوبي لاءِ 413.032 ملين رپين جا فنڊز رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
پي ايس ڊي پي تحت روينيو ڊويزن جي 12 جاري ۽ 4 نئين منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي 3200 ملين رپين جا فنڊز رکڻ جي تجويز
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل