اسلام آباد –07 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ ميڊيا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ميڊيا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن خاص طور تي اليڪشن 2024ع جي ڪوريج ڪندڙ مقامي ۽ عالمي صحافين جي سهولت لاءِ قائم ڪيو ويو آهي. ميڊيا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيش?? جو مقصد صحافين کي هڪ ??ت جي هيٺ سمورين ضروري سهولتن جي فراهمي ۽ چونڊ عمل دوران قابل اعتماد معلومات ۽ لاجسٽڪ سپورٽ تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ آهي. افتتاح جي موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود ۽ اطلاعات واري وزارت جا ٻيا آفيسر پڻ مو??ود هئا.
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز