اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻن نجي ا??شو??نس ڪمپنين کي ٻن فوتي پاليسي هولڊرز جي وارثن کي 34 لک 60 هزار رپين جا ڊيٿ ا??شو??نس ڪليمز ادا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. صدر وفاقي محتسب جي فيصلن ج?? خلاف آدم جي لائيف ا??شو??نس ۽ ايف ايف يو لائيف ا??شو??نس ڪمپني جي داخل ڪيل ٻه اپيلون رد ڪري ڇڏيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري تفصيل موجب زاهده نسرين جي فوتي ڀيڻ 2021ع ۾ آدم جي لائيف ا??شو??نس ڪمپني کان 30 لک جي ا??شو??نس پاليسي حاصل ڪئي هئي، 2022ع ۾ ڀيڻ جي لاڏاڻي کانپوءِ عورت ڪمپني کان ڊيٿ ا??شو??نس ڪليم جو مطالبو ڪيو جنهن تي ڪمپني بيمه پاليسي حاصل ڪرڻ وقت گردي ۽ جگر جي بيماري لڪائڻ جي بنياد تي ڪليم ادائيگي کان انڪار ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح ميمونه نعيم جي گهرواري اي ايف يو لائيف ا??شو??نس کان 2015ع ۾ 460000 رپين جي ا??شو??نس پاليسي حاصل ڪئي هئي. مڙس جي لاڏاڻي تي عورت ا??شو??نس ڪليم جي دعويٰ داخل ڪئي جنهن کي ڪمپني رد ڪري ڇڏيو. ڪمپني فوتي پاران پاليسي حاصل ڪرڻ وقت هائي بلڊ پريشر جي بيماري لڪائڻ جي بنياد تي ڪليم ادائيگي کان انڪار ڪيو. شڪايت ڪندڙ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي محتسب کي جدا جدا شڪايتون داخل ڪرايون. وفاقي محتسب شڪايت ڪندڙ جي حق ۾ حڪم جاري ڪيا. وفاقي محتسب لاڳاپيل ا??شو??نس ڪمپنين کي لاڳاپيل وارثن کي ڪليمز ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. بعد ۾ ڪمپنين محتسب جي فيصلن ج?? خلاف صدر وٽ جدا جدا درخواستون داخل ڪيون. صدر ڪيسز جي ??قي??تن جو جائزو وٺڻ ۽ ڌرين کي ٻڌڻ کانپوءِ ڪمپنين جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ٻئي ڪمپنيون ا??شو??نس کان اڳ جي بيمارين جي حوالي سان ڪو ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون، ا??شو??نس کان اڳ جي بيمارين کي ثابت ڪرڻ جي ذميواري لاڳاپيل ڪمپنين تي لاڳو ٿئي ٿي. صدر چيو ته ا??شو??نس ڪليمز جي ترديد جي لاءِ بيمارين کي ثابت ڪرڻ جي لاءِ ناقابل ترديد ثبوت جي ضرورت هوندي آهي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو پڻ حوالو ڏنو ۽ چيو ته ذيابيطس ۽ هائي بلڊ پريشر جهڙين بيمارين کي لڪائڻ کي دوکيبازي سان تعبير نٿو ڪري سگهجي، اهڙين بيمارين ۾ مبتلا اڪثر ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ وڌيڪ محتاط رهي عام ماڻهن وانگر زندگي گذارين ٿا. صدر وفاقي محتسب جي حڪمن کي برقرار رکندي لاڳاپيل ڪمپنين کي فوتي پاليسي هولڊرز جي وارثن کي ڊيٿ ا??شو??نس ڪليمز ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
صدر پاران ٻن نجي انشورنس ڪمپنين کي ٻن فوتي پاليسي هولڊرز جي وارثن کي 34 لک 60 هزار رپين جا ڊيٿ انشورنس ڪليمز ادا ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ