اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) سعودي پرڏيهي وز??ر شهزاده فيصل بن فرحان السعود پرڏيهي وزارت جو دورو ڪيو ۽ پرڏيهي وز??ر اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت اچڻ تي پرڏيهي وز??ر اسحاق ڊار معزز مهمان جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وز??ر اسحاق ڊار وز??راعظم جي تازي سعودي عرب ??ي دوري دوران قيادت جي سطح تي ٿيندڙ اهم مفاهمت جو ذڪر ڪيو. سعودي عرب ??ان لاڳاپن جي بلندي کي ساراهيندي هن ٻطرفي اقتصادي ۽ سيڪيورٽي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پراڻي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وز??ر اسحاق ڊار سعودي عرب ??ي دورانديشي ۽ مستقبل جي قيادت ۾ غيرمعمولي اڳڀرائي ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ سعودي عرب ??ي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي پرڏيهي وز??رن ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ ڪيترن ئي شعبن ۾ وسيع واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون جي امڪانن تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وز??ر اسحاق ڊار پاڪستان پاران پيش ڪيل سيڙپڪاري جي زبردست موقعن ۽ ان سلسلي ۾ ايس آئي ايف سي جي ڪردار تي روشني وڌي. سعودي پرڏيهي وز??ر سندس ۽ وفد جي شاندار استقبال تي پرڏيهي وز??ر اسحاق ڊار جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان سان سعودي عرب ??ي گهري ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وز??رن خطي جي تازي اڳڀرائي ۽ غزه جي سنگين انساني صورتحال تي پڻ خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ فوري جنگبندي ۽ اتي اسرائيلي ظلم بند ڪرڻ تي زور ڏنو.
سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود جو پرڏيهي وزارت جو دورو، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔