اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف (سڀاڻي) 23 مئي 2024ع تي گڏيل عرب امارات جو دورو ڪندو. اهو وزيراعظم جو چونڊجڻ کانپوءِ گڏيل عرب امارات جو پهريون دورو هوندو. وزيراعظم سان گڏ ڪا??ينا جي اهم وزيرن تي ٻڌل هڪ اعليٰ سطحي وفد پڻ هوندو. پرڏيهي آفيس موجب ان دوري دوران وزيراعظم جي گڏيل عرب امارات جي صدر ۽ ابوظهبي جي حڪمران شيخ محمد بن زايد سان ملاقات ??تو??ع آهي. ٻئي اڳواڻ واپار ۽ سيڙپڪاري تي خصوصي ڌيان سان گڏ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفن ل??ڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وزيراعظم شهباز شريف جي ٻين اماراتي شخصيتن، ڪا??وباري شخصيتن ۽ مالياتي ادارن جي سربراهن سان پڻ ملاقاتن جو امڪان آهي. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن جون پاڙون مذهبي ث??اف??ي وابستگي سان ڳنڍيل آه??. م??لسل اعليٰ سطحي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن ل??ڳاپن جي هڪ وڏي خاصيت آهي. وزيراعظم جو دورو پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ گهڻ رخي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف 23 مئي 2024ع تي گڏيل عرب امارات جو دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل