ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته پاڪستان سيڙپڪاري جي حوالي سان بهترين ملڪ آهي، اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) تحت سيڙپڪاري جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. آءِ ٽي واري مملڪتي وزير پاڪستان ۽ يو اي اي جي آءِ ٽي ڪمپنين جي وچ ۾ حصيداري تي رائونڊ ٽي??ل سيشن کي خطاب ڪري رهي هئي. وزيراعظم شهباز شريف رائونڊ ٽي??ل سيشن جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي يو اي اي ۽ پاڪستاني ٽيڪ ڪمپنين جا سربراهه پڻ موجود هئا. شزه فاطمه چيو ت?? مختلف ادارن جي ڊيجيٽائيزيشن ڪري رهيا آهيون، وزيراعظم جي هدايت تي معيشت، گورننس ۽ سو??ائٽي کي ڊيجيٽلائيز ڪري رهيا آهيون، آءِ ٽي سيڪٽر موجوده حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ نجي شعبي جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته واڌويجهه جي شرح ۾ اضافو ۽ ترقي حصيداري کانسواءِ ممڪن نه آهي، حڪومت سنڀاليندي ئي وزيراعظم آءِ ٽي شعبي کي پنهنجي ترجيح قرار ڏنو. ان موقعي تي پاڪستاني ۽ اماراتي آءِ ٽي ڪمپينن جي وچ ۾ ٽن معاهدن تي صحيحون پڻ ڪيون ويون.
پاڪستان سيڙپڪاري جي حوالي سان بهترين ملڪ آهي: شزه فاطمه خواجه
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔