بيجنگ – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو آهي ته چيني صدر شي جن پنگ پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ ترقي، علائقائي واپار ۽ اقتصاديات جي مرڪز طور اسان جي جيو اڪنامڪ صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ ۾ اسان جي حمايت جاري رکڻ جو يقين ڏياريو آهي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته کيس صدر شي جن پنگ سان ملاقات جو اعزاز حاصل ٿيو. ملاقات دوران پاڪ چين لاڳاپن جي مختلف رخن ??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اسان پنهنجي پراڻي لاڳاپن ۽ ثابت قدم دوستي، سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون ۽ واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سي پيڪ تحت جاري قدمن جي وقت سر پڄاڻي ۽ 5 نئين لنگهن سان گڏ اڳئين مرحلي ۾ گڏيل طور تي اقتصادي تعاون کي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو. کيس ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۽ بي آر آءِ جي 10 سالن جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. مون ان ڳالهه تي زور ڏنو ته علائقائي رابطن ۽ اقتصادي ترقي جي فروغ ۽ گوادر کي ڪنيڪٽيويٽي جو مرڪز بڻائڻ ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ چين سان گڏجي ڪم جاري رکنداسين. هن چيو ته چيني صدر شي جن پنگ يقين ڏياريو ته چين پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ ترقي جي حمايت جاري رکندو ۽ علائقائي واپار ۽ اقتصاديات جي مرڪز جي طور تي اسان جي جيو اڪنامڪ صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ ۾ اسان جي حمايت جاري رکندو، مون صدر شي جن پنگ کي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي ??عو?? پڻ ڏني.
چيني صدر شي جن پنگ پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ ترقي، علائقائي واپار ۽ اقتصاديات جي مرڪز طور اسان جي جيو اڪنامڪ صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ ۾ اسان جي حمايت جاري رکڻ جو يقين ڏياريو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین