اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان يورپي ي??نين جي آزادي مذهب ۽ عقيدا بابت خصوصي ايلچي فرانس وين ڊيل وفد سان گڏ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ مذهبي عدم برداشت جي وڌندڙ رجحان، دهشتگردي، فرقيواريت جي خاتمي، امن قائم ڪرڻ ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين يورپي ي??نين جي خصوصي ايلچي کي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت ۾ اچڻ تي ڀليڪار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين عدم برداشت جي رجحان ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ پرامن گڏيل مستقبل کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو ته پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي، بين المذاهب هم آهنگي پاليسي جوڙي حتمي منظوري لاءِ ڪابينا ڏانهن موڪلي آهي، مذهبي رواداري کي هٿي ڏيڻ لاءِ ??مو??ن مذهبن ۽ مسلڪن کان 700 کان وڌيڪ عالم پيغام پاڪستان تي صحيحون ڪيون، مذهب جي آڙ ۾ ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت ناهي، ملاقات ۾ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان ۽ يورپي ي??نين ملڪن وچ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو، وفد ۾ يورپي ي??نين جي پاڪستان ۾ سفير ڊاڪٽر رينا ڪيونا به شامل هئي.
وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان يورپي يونين جي خصوصي ايلچي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری