اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پارليامينٽ عوامي اُمنگن جي ترجمان آهي، آئيني ??دن اندر رهندي ان کي طاقتور بڻائڻ چاهيون ٿا، ڄاڻايل آئيني ??رميم?? جو انداز ميثاق جمهوريت جا دستاويز آهن، انهن ترميمن کي مڪمل اتفاق راءِ کانپوءِ ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو. ڪالهه قومي اسيمبليءَ ۾ پنهنجن خيال?? جو اظهار ڪندي بچاءَ واري وزير چيو ته اسان جي شعور ۾ اهي ڄاڻايل ترميمون آئيني معاملن کي متوازن بڻائڻ آهي. ڄاڻايل آئيني ??رميم?? جو انداز محترمه بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف وچ ۾ طئي ٿيل ميثاق جمهوريت آهي. ان ۾ ڪا سياست نه هئي نه ان کي سياسي رنگ ڏنو پئي ويو. انهن ترميمن تي اتفاق راءِ ٿي وئي ته انشاءَ الله اهو ايوان ۾ به ايندو. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 63 اي ۾ به ترميمن جي تجويز آهي. آئيني ??دالت جي ضرورت جو ذڪر به ميثاق جمهوريت ۾ آهي. ڪيترن ئي ملڪن ۾ آئيني ??دالتون موجود آهن. عدالتن ۾ 25-25 سالن تائين ڪيس ٻُڌڻيءَ هيٺ آهن ۽ ڪيترائي بيگناهه ماڻهو به سزا ڀوڳي رهيا آهن. عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ کي آسان بنائڻ جي ان ڪوشش ۾ اسا?? جو ڪو سياسي فائدو ناهي. هن چيو ته اعليٰ عدليه جي بحاليءَ کان پوءِ هڪ سينيئر جج جي مشاورت سان ججن جي مقرري جو طريقيڪار بڻايو ويو آهي. اسان آئين موجب ان معاملي ۾ به ان ايوان جي ڪردار کي اثرائتو بڻائڻ چاهيون ٿا. اسان نٿا چاهيون ته پارليامينٽ رٻڙ اسٽيمپ طور ڪم ڪري، جيڪو اسا?? جو حق بڻجي ٿو اهو اسان کي ملڻ گهرجي. آئين پارليامينٽ کي جيڪا عزت ۽ وقار ڏيڻ چاهي ٿو اسان ان کي لاڳو ڪرڻ چاهيون ٿا، ان ۾ اسا?? جو ڪو سياسي مفاد ناهي. ميثاق جمهوريت جي مسودي کي اسان ان سڄي عمل لاءِ مشعل راهه طور استعمال ڪيو آهي. ڪوبه باشعور شخص يا ادارو انهن تجويزن سان اختلاف نٿو ڪري سگهي. اسان آئين کي ان شڪل ۾ آڻينداسين جيڪو ميثاق جمهوريت سان مطابقت رکندو هجي.
پارليامينٽ عوامي اُمنگن جي ترجمان آهي: خواجه محمد آصف
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria