اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي صحت بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مخ??ار ڀرٿ جي خاص هدايت تي پمز اسپتال لاءِ ايڇ وي اي سي منصوبي جي پي سي ون منظور ڪئي وئي آهي. ڪالهه جاري ڪيل پنهنجي هڪ بيان ۾ ڊاڪٽر مخ??ار چيو ته 1700 ٽن ايڇ وي اي سي جي گنجائش 2500 ٽن تائين وڌائي وئي. هن چيو ته منصوبي جي پي سي ون منظور ٿي وئي آهي، جڏهن ته ان منصوبي تي 1654 ملين رپيا لاڳت ايندي ۽ 6 مهينن اندر منصوبو مڪمل ٿيندو. هن چيو ته صحت جي شعبي ۾ بهتري لا??ِ سڌارن جو سلسلو جاري آهي. گرمين جي موسم ۾ مناسب ڪولنگ سسٽم نه هئڻ سبب مريضن کي ڏُکيائيون درپيش آهن، انهن قدمن سان گرمي جي موسم ۽ سياري ۾ گرمي پد معتدل رهندو. هن چيو ته عوام جي بهتري ۽ اسپتالن ۾ جديد سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي رهيا آهيون، س??ڪاري اسپتالن جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بنائ?? جو پختو عزم ڪيو آهي.
قومي صحت بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر جي خاص هدايت تي پمز اسپتال لاءِ ايڇ وي اي سي منصوبي جي پي سي ون منظور
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن