چنگ ڊائو-24 آڪٽوبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چين جي شهر چنگ ڊائو ۾ رٿيل ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ وزاتي ڪانفرنس جي موقعي تي ايران جي هم منصب عباس علي آبادي سان ملاقات ڪئي ۽ توانائي ج?? حوالي سان سهڪار تي ڳالهيون ڪيون. پاور ڊويزن ??ان جاري بيان موجب ڪالهه ٿيل ملاقات ۾ وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري توانائي ج?? رٿائن جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ت?? انهن سان رابطن ۽ واپار کي هٿي ملندي. ڌُرين خاص طور تي گوادر، بلوچستان ۾ بجلي جا منصوبا لڳائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي. ??ويس لغاري چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ بجلي گهرن جي آپريشن ۽ سنڀال ۾ سهڪار کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي. علائقائي ملڪن وچ ۾ توانائي ج?? بهتر رابطن جي ضرورت تي ڳالهائيندي ٻنهي وزيرن باقاعده رابطن ۽ اثرائتي ڪميونيڪيشن جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو. ٻنهي وزيرن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته بجلي گهرن جو اثرائتو انتظام، توانائيءَ جي سپلاءِ کي برقرار رکڻ ۽ خطي ج?? وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ضروري آهي.
توانائيءَ واري وفاقي وزير جي ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ وزاتي ڪانفرنس جي موقعي تي ايران جي هم منصب سان ملاقات، توانائيءَ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز