دمشق -03 جولاءِ (اي پي پي) شام ۾ پاڪستان جي س??ير شاهد اختر چيو آهي ته شام پاڪستان ۾ صنعتي شعبي جي ترقي مان فا??دو کڻي سگهي ٿو. شام جي خابرو اداري سانا مطابق انهن خيالن جو اظهار هن دمشق چيمبر آف انڊسٽري جي چيئرمين غزوان المصري سان ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ صنعت ۽ واپار جي شعبن ۾ سهڪار کي ترقي ڏيڻ ۽ گڏيل سيڙپڪاري ۽ شراڪتداري جي قيام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستاني س??ير چيو ته شام پاڪستان ۾ دوائن، طبي مواد، جراحي جي اوزارن ۽ ڏندن جي علاج ۾ استعمال ٿيندڙ اوزارن سان گڏ زرعي سامان، ڳري مشينري ۽ راندين جي سا??ان جي تياري ۾ هن وقت تائين ڪيل ترقي مان فا??دو کڻي سگهجي ٿو. دمشق چيمبر جي عمارت ۾ ٿيل ملاقات دوران غزوان المصري ان ڳالهه تي زور ڀريو ته چيمبر پاڪستان سان مڪمل سهڪار لاءِ تيار آهي، ان کان علاوه دمشق چيمبر ٻنهي ملڪن جي واپارين ۽ صنعتڪارن وچ ۾ رابطي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ سان گڏ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ لاءِ هر ضروري س??ولت فراهم ڪندو. هن مختلف فورمن تي پاڪستان طرفان شام جي حمايت کي ساراهيو.
شام ۾ پاڪستان جي سفير جي دمشق چيمبر جي چيئرمين سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará