نيويارڪ-21 سيپٽمبر(اي پي پي) گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن ڪووڊ -19 جي ڪري صح??، سماجي ۽ اقتصادي بحرانن جي ورجاءُ کي روڪڻ ۽ وبائي مرض کي ??نهن ڏيڻ جي دنيا جي صلاحيت کي ??ٿي ڏيڻ جي وچن تي ٻڌل هڪ تاريخي پڌرنامو جاري ڪيو آهي. عالمي اداري جي اهتمام هيٺ وبائي مرضن جي روڪٿام ۽ رد عمل بابت پهرين ڪانفرنس ۾ ان اعلان کي اختيار ڪندي سڄي دنيا 2030ع جي پائيدار ترقي جي هدفن(ايس ڊي جيز) تائين پهچڻ لاءِ رستي تي واپس اچڻ جو عزم ڪيو. ان موقعي تي سربراهي اجلاس کي خ??اب ڪندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش ياد ڏياريو ته ڪووڊ -19 خلاف عالمي رد عمل انساني قوت ۽ معاشري جي خ??مين کي بي نقاب ڪيو آهي، جتي تيز ٽيسٽ ۽ ويڪسين جي ترقي ذڪر جوڳ??ون ڪامياب??ون ه??ون اتي تياري جي کوٽ، غريب ترين ماڻهن تي غير مناسب اثرن ۽ دولت مند ملڪن طرفان ويڪسين جي ذخيرو اندوزي به هئي. هن چيو ته اسان کي ??اضي جي غلطين کي ??ه ورجائڻ گهرجي جڏهن ايندڙ وبائي بيماري ايندي جهڙوڪ اسان ڄاڻون ٿا ته هي ٿيندو ۽ صح?? جي ٻيا خطرا سامهون ايندا. پڌرنامي جي اهميت جو ورجاءُ ڪندي هن ميمبر ملڪن تي زور ڀريو ته هو ڊبليو ايڇ او جي مدد ڪن، پنهنجي مالي مدد ۾ اضافو ڪن، جنيوا ۾ صح?? واري عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس ايڊهانوم پڌرنامي جي باري ۾ پنهنجي بيان ۾ چيو ته هي دنيا جي سمورن ماڻهن جي وبائي مرضن جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي ??حفوظ بڻائڻ جي فوري مهم جي طور تي هڪ تاريخي سنگ ميل آهي. هن چيو ته آئ??ن عالمي اڳواڻن طرفان گهربل سياسي مدد ۽ رخ فراهم ڪرڻ جي ان عزم جي آجيان ڪريان ٿو ته ڊبليو ايڇ او، حڪومتون ۽ ان ۾ شامل سمورن ماڻهن جي صح?? جي حفاظت ڪري سگهن ۽ مقامي صلاحيتن ۾ سيڙپڪاري، برابري کي ??قيني بنائڻ ۽ عالمي هنگامي صح?? جي ڍانچي جي حمايت ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم کڻي سگهن.
گڏيل قومون: ميمبر ملڪن جو ڪووڊ -19 سبب صحت،سماجي ۽ اقتصادي بحرانن جو ورجاءُ روڪڻ، وبائي مرضن کي منهن ڏيڻ جي عالمي صلاحيت کي هٿي ڏيڻ جو وچن
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون