گڏيل قومون -10 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نرل انتونيو گوتريش غزه پٽي جي مڪمل گهيراءَ تي انتهائي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته غزه ۾ انساني صورتحال اڳ ئي انتهائي سنگين هئي، جيڪا وڌيڪ تيزي سان خراب ٿيندي. هن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ صحافين ک?? ٻڌايو ته هو فلسطين جي عوام جي جائز شڪايتن ۽ اسرائيل جي سيڪيورٽي خدشن کي تسليم ڪري ٿو پر پوءِ به دهشتگردي جي ڪارروائين ۽ شهرين جي قتل ۽ اغوا جو جواز نه ٿو پيش ڪري ??گجي. هن انهن حملن کي فوري ??ور تي بند ڪرڻ ۽ سمورن يرغمالين کي آزاد ڪرڻ لاءِ پنهنجي اپيل جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته هو غزه ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 500 کان وڌيڪ فلسطينين جي شهادت ۽ 3 هزار کان وڌيڪ زخمين جي خبر بابت انتهائي پريشان آهي. بدقسمتي سان اهو انگ وڌي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته اسرائيل جون ڪاروائيون جاري ??هن. هن چيو ته هو اسرائيل جي جائز سيڪيورٽي خدشن کي تسليم ڪري ٿو پر اسرائيل کي اهو به ياد ڏيارجي ٿو ته فوجي آپريشن دوران عالمي انساني قانون تي سختي سان عمل ڪيو وڃي.
مڪمل گهيراءَ بعد غزه ۾ انساني صورتحال وڌيڪ تيزي سان خراب ٿيندي: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : پاور بال