بيجنگ _ 16 اپريل (اي پي پي ) ??ين جي پرڏيهي وزير وانگ يي ۽ سندس ا??راني هم منصب حسين امير عبد الهيان اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي حوالي سان فون تي ڳالهيون ڪيون . شنوا مطابق ايراني پرڏيهي وزير چيني هم منصب کي شام جي شهر دمشق ۾ ايراني سفارت خاني جي قونصلر سيڪشن تي حملي بابت ايران جي موقف کان آگاهه ڪندي چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ان حملي تي ڪو ضروري قدم ناهي کنيو ۽ کيس خود مختياري جي خلاف ورزي جي جواب ۾ پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي . موجوده علائقائي ص??رت??ال کي انتهائي حساس قرار ڏ??ند?? امير عبد الهيان چيو ته ايران تحمل کان ڪم وٺڻ تي راضي آهي ۽ حالتن کي وڌيڪ خراب ڪرڻ جو ڪو ارادو نٿو رکي . هن چيو ته ايران غزه ۾ فوري جنگ بندي ??و مطالبو ڪري ٿو ۽ جنگ بندي ?? علائقائي امن جي بحالي ۽ علائقائي ملڪن وچ ۾ مضبوط بڻائڻ لاءِ ??ين جي فعال ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو . هن وڌيڪ چيو ته ??ين ۽ ايران گڏيل شراڪت دار آهن ۽ ??ين ٻه طرفه لاڳاپن جي وسيع ترقي لاءِ مختلف شعبن ۾ ايران سان عملي سهڪار کي مستقل طورتي اڳتي وڌائڻ لاءِ تيار آهي .
چيني ۽ ايراني پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٽيلي فونڪ ڳالهيون ، اسرائيل ايران ڇڪتاڻ تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria