ڪوئيٽا – 06 آگسٽ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته موجوده چونڊيل حڪومت جي ??ور ۾ مثبت ۽ دانشمنداڻين معاشي پاليسين جي ڪري پاڪستاني پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا ملڪي تاريخ جي ??لند ترين سطح تي 23 ارب ڊالر تائين پهچي ويا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ قبائلي اڳواڻن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته موجوده حڪومت کي 2013ع جي چونڊن وقت 14 هز??ر 800 ارب رپين جو قرض ورثي ۾ مليو، 2013ع کان 2016ع تائين قرضن جي ڪاٿي ۾ 34 سيڪڙو اضافو ٿيو، ان جي ??بتڙ 2008ع کان 2013ع تائين 5 سالن دوران ملڪي قرضن ۾ ٻه سئو سيڪڙو اضافو ٿيو هو، موجوده حڪومت وزيراعظم محمد ن??از شريف جي قيادت ۾ موثر معاشي سڌارا آڻي گذريل ٽن سالن دوران ٻاهرئين قرضن جي ڪاٿي کي رڳو 21 سيڪڙو تائين محدود رکيو آهي.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن