امرتسر – 04 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته لائن آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائوندري تي ڀارتي اڳرائي باوجود هارٽ آف ايشيا ڪا??فر??س ۾ پاڪستا?? جي شرڪت افغانستان ۾ جٽادار امن لاءِ پاڪستا?? جي عزم جو اظهار آهي، افغانستا?? جي مسئلي جو فوجي ناهي، اهو مسئلو افغان عوام جي خواهشن مطابق ڳالهين سان نبيريو وڃي، پاڪستا?? جي حڪومت ۽ عوام افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ افغان عوام ۽ حڪومت سان گڏ آهي، سارڪ سربراهه ڪا??فر??س جو ملتوي ٿيڻ علائقائي سهڪار جي ڪوششن لاءِ ڌچڪو آهي. افغانستان ۾ امن ۽ ترقي جي حوالي سان ڇهين هارٽ آف ايشيا ڪا??فر??س کي خطاب ڪندي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو ته هارٽ آف ايشيا ڪا??فر??س ۾ شرڪت اعزاز جي ڳالهه آهي، ڇڪتاڻ باوجود شرڪت خطي ۽ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستا?? جي عزم جو اظهار آهي. افغانستان کي پاڪستان رستي واپاري سهولتون ڏيڻ لاءِ اسن پر عزم آهيون، پاڪستان گذريل 30 سالن کان لکين پناهگير?? جي مهمان نوازي ڪئي آهي، گڏيل قوم?? جي اداري سان گڏجي افغان پناهگير?? جي با عزت پنهجي ملڪ واپسي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون.
ڪانفرنس ۾ شرڪت افغانستان ۾ امن لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار آهي: سرتاج عزيز
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste