اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته قطر کان ايل اين جي جي درآمد جو معاهدو انتهائي شفاف طريقي سان ٿيو آهي، معاهدي ۾ ڪا به شيءَ لڪائي ناهي وئي، ??سا?? جو معاهدو 15 سال ۾ دنيا ۾ گهٽ ترين قيمت جو معاهدو آهي، پهرين ??سا?? ڀاڻ درآمد ڪندا هئاسين، ايل اين جي جي ڪري اڄ ??سا?? برآمد ڪري رهيا آهيون، اڄ پوري ملڪ ۾ هر شعبي کي سڄو سال گئس ميسر آهي، اڳوڻين حڪومتن به ايل اين جي درآمد ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پر ڪا به اڳڀرائ?? نه ٿي. سينيٽ جي اجلاس ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽر شيري رحمان جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏ??ند?? وزيراعظم چيو ته پاڪستان وٽ توانائي کي کوٽ کي پورو ڪرڻ جو واحد رستو گئس حاصل ڪرڻ هو، هن چيو ته توانائي بحران جي خاتمي ۽ ايل اين جي جي لاءِ مشرف حڪومت سميت سمورين حڪومتن ڪوششون ڪيون پر انهن جو نتيجو سڀني جي سامهون آهي ۽ ڪجهه به حاصل نه ٿيو.
ايل اين جي معاهدو انتهائي شفاف طريقي سان ٿيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث