سيالڪوٽ – 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آه?? ته مسلم ليگ (ن) عوام جي خدم?? ڪئي آهي ۽ ايترا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن جن جو تاريخ ۾ مث??ل نٿو ملي، جولاءِ 2018ع جون عام چونڊون به مسلم ليگ (ن) ئي کٽيندي ڇو ته سياست جا فيصلا عدالتن ۾ نه پر پولنگ اسٽيشنن تي ٿيندا ??هن?? عدالت ۾ نواز شريف کي هاءِ جيڪر بڻايو ويو هو پر ??اريخ اهو فيصلو قبول نه ڪيو، نااهل ڪرڻ جو فيصلو به تاريخ جي ردي جي ٽوڪري ۾ ويندو. سيالڪوٽ ۾ پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف جي رهائشگاهه تي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته چار پنج سال حڪومت ڪرڻ کانپوءِ نعرا هڻندڙ گهٽ ۽ تنقيد ڪرڻ وارا وڌيڪ هوندا آهن پر ??ڄ سيالڪوٽ جي عوام جو جوش ۽ جذبو ڏسي لڳي ٿو ته جولاءِ 2018ع جون چونڊون به مسلم ليگ (ن) ئي کٽيندي.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام