لاهور – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مون پنهنجي قوم سان واعدو ڪيو آهي ته جيترا به ڪرپٽ ماڻهو آهن انهن سڀني کي پڪڙڻو آهي، جيستائين ڪرپشن ختم نه ٿيندي ملڪ ڌٻڻ مان ٻاهر نه ٿو نڪري سگهي، اسان کي مشڪل دور مان نڪرڻو آهي، ??رپشن جي نشاندهي ڪندڙن کي 20 سيڪڙو انعام ڏيڻ جي حوالي سان قانون ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ منظور ڪرايو ويندو. پنجاب جي وڏي و??ير عثمان بوزدار ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته پنجاب جو وڏو وزير ايماندار ماڻهو ۽ تبديلي جو نالو آهي، پنجاب جي وڏن وزيرن مان عثمان بوزدار سڀ کان ڪامياب وڏو وزير هوندو، عثمان بوزدار پٺتي پيل علائقي سان تعلق رکي ٿو، هي پنهنجي علائقي ج?? مسئلا ڄاڻي ٿو، تبديلي اها آهي ته اسان جو وڏو وزير ع??اج جي لاءِ ٻاهر نه ويندو، پنجاب جي وڏي و??ير کي خبر آهي ته خراب پاڻي پيئڻ سان ڪيتر?? مسئلا پيدا ٿين ٿا، مون کي يقين آهي ته هي هڪ ايماندار شخص آهي ۽ آئون بي خوف آهيان ته هي بدعنواني نه ڪندو، سڀ کان وڏي بجيٽ پنجاب جي آهي، پنجاب ۾ 10 سالن ۾ 8 هزار ارب رپيا ??رچ ٿيا ??هن، رڳو لاهور جي سالياني ترقياتي بجيٽ خيبرپختونخواهه کان ٽيڻ تي وڌيڪ آهي.
قوم سان واعدو ڪيو آهي ته ڪرپٽ ماڻهن کي پڪڙڻو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea