اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي خاص مددگار ڊڪٽر ??ردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) سميت ٻي ري??ستي ميڊيا جي ذميداري قومي بياني کي سگهه ڏيڻ آهي، ري??ستي ميڊيا پاڪستان جي روشن تشخص کي روشناس ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، وزيراعظم جي هدايت تي اي پي پي کي مضبوط ري??ستي ادارو بڻائن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهيون. هو ڪالهه اربع جي شام مقامي هوٽل ۾ اي پي پي ايمپلائيز يونين (سي بي اي) طرفان پنهنجي اعزاز ۾ ڏنل آج??اڻ?? کي خطاب ڪري رهي هئي، وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر ??ردوس عاشق اعواڻ چيو ته اي پي پي هڪ اهڙو ادارو آهي جنهن سان پاڪستان جو نالو ڳنڍيل آهي، اي پي پي ۾ ڪم ڪندڙن جو رشتو پاڪستان سان قائم آهي، هن چيو ته اي پي پي کي هڪ مستند ادارو بڻائڻ وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، جڏهن ته ادارن کي فعال ۽ بااختيار بڻائڻ اسان جي ذميداري آهي، هن چيو ته اسان کي ان اداري جي بهتري لاءِ يونين سميت سمورن ملازمن کي گڏ کڻي هلڻو آهي، اداري جا حقيقي اسٽيڪ هولڊرز ان جا ملازم آهن.
اي پي پي سميت ٻي رياستي ميڊيا جي ذميداري قومي بياني کي سگهه ڏيڻ آهي: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن