اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار جي آزادي جي آئيني، بنيادي ۽ جمهوري حق تي پڪو يقين رکي ٿي. اها ڳالهه هن پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن (پي بي اي) جي عهديدارن سان وڊيو ڪانفرنس ذريعي ??جل??س کي صدارت ڪندي چئي. وڊيو لنڪ ??جل??س ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ ايف ايم ريڊيو لائسنس ۽ نيشنل ڊجيٽل ڪيبل پاليسي 2021ع تي مشاورت ٿي. ??جل??س دوران ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ميڊيا صنعت جي ترقي ۽ آزادي، صحافت جي فروغ لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اسان کي معاملن ۾ شفافيت کي يقيني بنائڻو آهي. مسئلن جو حل اسان جي اولين ترجيح آهي.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری