اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي چونڊون 2023ع ۾ آءِ وٽنگ سان اوورسيز پاڪستانن کي ووٽ ڏيڻ جي قابل بڻائڻ لاءِ رجسٽريشن جلد شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني رڪارڊ مٽاسٽا جي ناڻي سان ملڪي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، پرڏيهي پاڪستانين کي سپريم ڪورٽ جي حڪمن موجب ??ڃان تائين ووٽ وجهڻ جي سهولت ناهي ملي، اهڙن خيالن جو اظهار هن آءِ ووٽنگ جي ذيلي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وف??قي وزير سيد امين الحق، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز، پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ظهير الدين بابر اعواڻ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وف??قي سيڪريٽري نديم ارشد ڪياني، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وف??قي وزير سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت، نادرا جي وقتي چيئرمين برگيڊيئر (ر) خالد لطيف، ڊي جي آءِ ٽي اي سي پي خضر عزيز ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. صدر اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته توهين عدالت کان بچڻ لاءِ چونڊن ۾ آءِ ووٽنگ سان ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي شرڪت يقيني بڻائڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ جو ماضي ۾ عدالت ان حوالي سان هدايتون ڏئي چڪي آهي، لاڳاپيل ادارا انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪيمونيڪيشن واري وزارت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت، نادرا ۽ ٻاهرين ملڪ مشنز، اليڪشن ڪميشن جي منظوري کانپوءِ تقريبن 90 لک اوورسيز پاڪستانين جي رجسٽريشن لاءِ انتظام ڪر?? هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته هو موقف کي ثبوت جي طور تي اي سي پي کي بريفنگ لاءِ پروٽوٽائيپ اي وي ??يم ٺاهي ته جيئن حتمي اي وي ??يم اليڪشن ڪميشن پاران بهتر خصوصيتن موجب ??ڻائي سگهجي، هن چيو ته چونڊ سڌارن جو عمل اليڪشن ڪميشن جو مينڊيٽ ۽ بنيادي ذميداري آهي.
پرڏيهي پاڪستانين کي اڃان تائين ووٽ وجهڻ جي سهولت ناهي ملي: صدر
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa