گڏيل قومون -05 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن ف??سط??ن جي علائقي ??ني?? ۾ اسرائيل جي فوج جي 2 ڏينهن کان جاري پرتشدد ڪارروائين تي جمعي ڏينهن هنگام?? اجلاس طلب ڪيو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق سفارتڪارن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جمعي تي هڪ بند ڪمري جو اجلاس ڪندي جنهن ۾ وچ اوڀر ۾ ٿيندڙ واقعن تي غور ڪرڻ سان گڏوگڏ اسرائيل طرفان اولهه ڪناري ۾ ڪيل سڀ کان وڏي فوجي ڪارروائي جي نتيجن ۽ اثرن تي غور ويچار ڪيو ويندو. هن چيو ته گڏيل عرب امارات ف??سط??ن ۾ پريشان ڪندڙ صورتحال جي روشني ۾ اجلاس منعقد ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. انساني حقن بابت گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ والاريل اولهه ڪناري ۾ وڌندڙ پرتشدد واقعن جي مذمت ڪندي زور ڀريو ته قتل عام کي روڪڻ گهرجي. هن چيو ته والاريل اولهه ڪناري ۾ تازي آپريشن ۽ تشدد رڳو ??ڌيڪ تشدد کي جنم ڏئي ٿو. هن چيو ته قتل، جسماني تشدد ۽ ملڪيتن جي تباهي کي روڪڻ گهرجي. گڏيل قومن جي عهديدار چيو ته ??ني?? آپريشن ۾ ملڪيتن جي تباهي انساني حقن جي عالمي اصولن ۽ معيارن جي پاسداري بابت سنگين سوال اٿاري ٿي. هن چيو ته هوائي حملا قانون لاڳو ڪندڙ آپريشنز کي انجام ڏيڻ جي قانون سان هڪجهڙائي نٿا رکن.
گڏيل قومن طرفان جنين ۾ اسرائيل جي فورسز جي 2 ڏينهن کان جاري پرتشدد ڪارروائين تي جمعي تي هنگامي اجلاس طلب
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná