جنيوا-27 جولاءِ (اي پي پي) جنيوا ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي گروپ يورپي ملڪن ۾ بار بار ق??آن پاڪ جي بيحرمتي ??ي واقعن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته گڏيل قومن جا لاڳاپيل ماهرن طرفان اهڙن واقعن تي ??اموشي افسوسناڪ آهي. او آءِ س?? گروپ گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسان لاڳاپيل حڪومت طرفان اهڙن واقعن جي مذمت کي تسليم ڪريون ٿا پر ان ڳالهه تي ڳڻتي ??هي ته انتهاپسند اهڙا ملڪ جن ۾ انتهائي ضروري حفاظتي قانوني ۽ انتظامي پاليسي جي عدم موجودگيءَ ۾ استحصال جاري رکي سگهن ٿا. گروپ چيو آهي ته انهن مان ڪجهه واقعن جي پٺيان نسلي مقصد کي واضح طور نظرانداز ڪيو وڃي ٿو، ڪجهه رياستن ۾ پهريان انهن اهڙين ڪاررواين جي منظوري ڏيڻ ۽ پوءِ ان جي مذمت ڪرڻ ۾ سياسي سطح تي ??اموشي اختيار ڪئي وڃي. گروپ ياد ڏياريو ته مذهبي منافرت جي روڪٿام لاءِ ويجهڙ ۾ ئي انساني حقن واري ڪائونسل ۾ قرارداد منظور ڪئي وئي جنهن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي ??ي واقعن جي مذمت ڪئي وئي آهي ۽ مذهبي نفرت ۽ تشدد کي ڀڙڪائڻ جي روڪٿام لاءِ احتساب جو مطالبو ڪيو ويو. قرارداد ۾ هاءِ ڪمشنر ۽ انساني حقن جي ادارن تي ??ور ڀريو ويو ته اهي اهڙي واقعن کي روڪين، گروپ چيو ته اهڙن واقعن تي گڏيل قومن جي لاڳاپيل ماهرن جي خاموشي افسوسناڪ آهي، اسان ان ڳالهه تي يقين رکون ٿا ته ذاتي ??لمي نظرين کي ڪنهن کي به پنهنجي اخلاقي ۽ قانون ذميدارين سان نه روڪڻ گهرجي جهڙوڪ ان بابت مئنڊيٽ ۾ بيان ۾ ڪيو ويو آهي. او آءِ س?? گروپ چيو ته اسان ان نظريي کي رد ڪريون ٿا ته قرآن پاڪ جي سرِعام ۽ طئي ٿيل منصوبي تحت بيحرمتي ??عتراض جوڳي آهي پر ق??نوني طور تي ??جازت جي قابل فعل آهي ان جي ابتڙ هي بين الاقوامي قانون تحت قابل مذمت ۽ منع ٿيل آهي، ڇاڪاڻ ته هي مذهبي نفرت دشمني ۽ تشدد کي وڌائي ٿو. گروپ نشاندهي ڪئي ته انساني حقن جي ڪائونسل ذاتي ??لمي نظرين کي ڪالعدم قرار ڏئي ٿو، خاص طور تي ??نهن ماڻهن لاءِ جيڪي ڪائونسل آڏو جوابده آهن ان حوالي سان پنهنجي مئنڊيٽ جا پابند آهن. گروپ چيو آهي ته ماڻهن ۽ ڪميونٽيز ??ي مذهبي نفرت دشمني ۽ قرآن پاڪ يا ٻين مقدس ڪتابن جي بيحر??تي ۽ تشدد کي وڌائڻ سان بچائڻ لاءِ اهڙيءَ طرح جي واقعن جي روڪٿام ۽ جوابدهيءَ جي ضرورت آهي.
گڏيل قومن طرفان قرآن پاڪ جي بيحرمتي جي واقعي تي خاموشي افسوسناڪ آهي: اسلامي تعاون تنظيم
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria