واشنگٽن -26 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا چيو آهي، ته فرانس جي نائيجر مان واپسي بعد نائيجر جي حوالي س??ن آمريڪي موقف ۾ ڪا به ??بديلي نه ايندي، فرانس جي نائيجر مان پنهنجي فوج جي واپسي جي اعلان بعد آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته فرانس جي ان قدم بعد اسان جو موقف تبديل نه ٿيندو. هن چيو ته نائيجر ۾ هن وقت اٽڪل 1100 آمريڪي فوجي اهلڪار مقرر آهن. ٻئي طرف آمريڪي دفاع واري وزير اعلان ڪي?? آهي، ته فرانس طرفان نائيجر مان پنهنجي سفير ۽ فوج جي واپسي واري اعلان بعد آمريڪا نائيجر بحران جي حوالي س??ن پنهنجي مستقبل جي قدمن جو جائزو وٺندو. هن ڪي??يا جي دوري دوران نيروبي ۾ ميڊيا کي ٻڌايو ته جڏهن ته اسان سفارتڪاري کي هڪ اهم موقعو ڏيندا آهيون ته اسان مستقبل لاءِ اهڙن قدمن جو به ??ائزو وٺي رهيا آهيون جنهن سان اسان جي سفارتي ۽ سلامتي وارن هدفن کي ترجيح ملي.
نائيجر مان فرانس جي واپسي بعد به آمريڪي موقف تبديل نه ٿيندو: ترجمان
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری