رياض -09 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏ??هي وزير شهزاده فيصل بن فرحان حماس طرفان اسرائيل تي اوچتي حملي بعد تشدد ۾ واڌ کي گهٽائڻ تي زور ڀريو آه??، عرب نيوز مطابق بيان ۾ چيو ويو آه??، ته سعودي عرب سمورين ڌرين تي زور ڀري ٿو ته اهي عالمي قانون جو احترام ڪن. هوڏانهن سعودي پرڏ??هي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان آمريڪي پرڏ??هي وزير انٽوني بلنڪن 24 ڪلاڪن ۾ 2 ڀيرا ٽيليفون تي را??طو ڪيو آه??. ٻنهي پرڏ??هي وزيرن غزه ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ جاري ڇڪتاڻ جي خطرن ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ضروري طريقو ڳولهڻ جي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڀريو. ٻنهي ڌرين درپيش بحران جي ناڪاري اثرن جو دائرو مهدود ڪرڻ لاءِ عالمي برادري جي گڏجي ڪم ڪرڻ واري اهميت اجاگر ڪئي ته جيئن عالمي امن ۽ سلامتي جي تحفظ ۾ مدد ملي سگهي.علائقائي ۽ عالمي حالتن ۽ ان سلسلي ۾ ڪيل ڪوششن تي به غور ويچار ڪيو. ياد رهي ته اسرائيل جي فوج حماس جي عسڪريت پسندن کي پوئتي هٽائڻ لاءِ جنگ وڙهي رهي آه??. ان کان علاوه شهزاده فيصل بن فرحان سان فرانس ۽ هالينڊ جي پرڏ??هي وزيرن به ٽيليفون تي را??طو ڪيو. فرانس جي پرڏ??هي وزير غزه ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ تازي صورتحال ۽ اتي جاري ڇڪتاڻ کي روڪڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون. سعودي پرڏ??هي وزير چيو ته سعودي عرب ڪنهن به حالت ۾ شهرين کي نشانو بنائڻ جو مخالف آه??. سموريون ڌريون عالمي انساني قانون جو احترام ڪن، هالينڊ جي پرڏ??هي وزير سعودي پرڏ??هي وزير سان فلسطين ۽ اسرائيل وچ ۾ پيدا ٿيل غيرمعمولي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون. ٻنهي پرڏ??هي وزيرن غزه ۾ ڇڪتاڻ روڪڻ لاءِ ڪيل عالمي ڪوششن تي ڳالهيون ڪيون.
سعودي عرب طرفان اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ تشدد ۾ واڌ ختم ڪرڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار