اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آه?? ته وزيراعظم محمد نواز شريف کان استعيفا گهرندڙ سوچي وٺن ته سپريم ڪورٽ انهن جون 7 درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن، هو اسلام آباد جي مقامي هوٽل ۾ ستين پاڪستان فرنيچر نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائي رهي هئي. پرنسپل انفارميشن آفيسر رائو ??حس??ن علي به ان موقعي تي موجود هو. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ستين پاڪستان نمائش جي انعقاد تي منتظمين مبارڪباد جي مستحق آهن، نمائش ۾ رکيل فرنيچر مصنوعات ڪنهن به عالمي معيار کان گهٽ نه آهي، هي به هڪ حقيقت آهي بڻجي چڪي آه?? ته پاڪستاني صنعت تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر