اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) وفاقي حڪومت رمضان المبارڪ دوران عوام کي سستي ۽ معياري ضروري شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ 19 شين تي سبسڊي لاءِ اڍائي ارب روپين جي رليف پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، شين جي گهرج ۽ ضرورتن تي اهو پيڪيج 7 ارب تائين وڌائي سگهبو، عيدالفطر کانپوء?? به 5 ضروري شين تي سبسڊي جو عمل جاري رهندو، 4 هزار کان وڌيڪ يوٽيلٽي اسٽورن تي اٽي، گيهه، کنڊ، چانهه، دالين ۽ چانورن س??يت 19 شين جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي وئي آهي?? يوٽيلٽي اس??ور?? تي شين جي دستيابي جي مانيٽرنگ لاءِ ضلعي سطح تي مانيٽرنگ ۽ ٽاسڪ فورس ٺاهي ويندي، رضاڪار فورس راشن پهچائڻ ۽ ڪيش منتقلي ۾ سهولتڪاري لاءِ قائداڻو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، وزيراعظم معاشي رليف پيڪيج تحت يوٽيلٽي اس??ور?? ڪارپوريشن کي 10 ارب جاري ڪري ڇڏيا آهن. اڄ جمعي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ موبائيل اسٽور شروع ڪري رهيا آهيون، ٻهراڙين ۽ يونين ڪائونسل جي سطح تي وڌيڪ 500 يوٽيلٽي اس??ور?? کوليا ويندا?? يوٽيلٽي اس??ور?? وزيراعظم جي ويزن جي تڪميل ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪندا، وزيراعظم جي پاليسي جو محور مرڪز عوامي مشڪلاتن جو ازالو ڪرڻ آهي، اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ خميس ڏينهن يوٽيلٽي اس??ور?? ڪارپوريشن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر سان گڏ ميڊيا بريف??گ دوران ڪيو.
وفاقي حڪومت پاران 19 شين تي سبسڊي لاءِ اڍائي ارب رليف پيڪيج جو اعلان
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ