اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آ??ي ته ڪشميري عوام 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڪشمير ۾ ڪيل ڀارت سرڪار جي غيرآئيني ۽ هڪطرفي قدم کي رد ڪري چڪي آهي، ڀارت سرڪار جي نفرت تي ٻڌل پاليسين، پوري خطي جي ??من امان کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آ??ي، نئون سياسي نقشو پوري پاڪستاني قوم جي امنگن جي ترجماني ڪري ٿو، پاڪستان خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري ڀائرن جي حمايت جاري رکندو. اها ڳالهه هن ڪشمير جي صورتحال تي پرڏيهي وزارت ۾ ميڊيا ايڪرز کي بريفنگ ڏيندي چئي. پرڏيهي وزير صحافين/ اينڪرز کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ڀارتي قابض فوج جي ظلمن ۽ خطي ۾ ??من امان جي مجموعي صورتحال جي حوالي سان آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي هندوتوا پاليسين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي خلاف ورزين کي هر عالمي فورم تي بي نقاب ڪيو. ڀارت سرڪار جي نفرت تي ٻڌل پاليسين، پوري خطي جي ??من امان کي خطري ۾وجهي ڇڏيو آ??ي. ڀارت والاريل ڪشمير جي آبادياتي تناسب کي تبديل ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪو عالمي قانونن جي منافي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اڄ ڪابينا اجلاس ۾ پاڪستان جي نئين سياسي نقشي جي منظوري هڪ تمام وڏو قدم آهي.
ڪشميري عوام 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت سرڪار جي غيرآئيني ۽ هڪطرفي قدم کي رد ڪري چڪي آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ