اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ براڊ شيٽ جي معاملي تي ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو، پبلڪ سيڪٽر ڪمپنيز (ڪارپوريٽ گورننس) رولز 2013ع تحت علي مهدي جي پاڪستان ڊيولپمينٽ فنڊ لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرري، پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ جي انتظام هيٺ سمورن درجن جي نوڪرين تي پاڪستان ايسينشنل سروسز (مينٽيننس) ايڪٽ 1952ع لاڳو ڪرڻ ۾ 6 مهينن تائين جي واڌ، پاور ڊويزن تحت جوڙيل ڪور ڪميٽي جي مي??برن کي رينٽل پاور پراجيڪٽ ۾ جاچ جي روشني ۾ ملڪ کي وڏي مالي نقصان کان بچائڻ جي حوالي سان خدمتن تي مالي ايوارڊ ڏيڻ، سامونڊي معاملن اري وزارت تحت ڪراچي ڊوڪ ليبر بورڊ جي مي??برن جي نامزدگي، نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي جوڙجڪ، نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت کي صحت سهولت پروگرام جي ڊيٽا تصديق جي ڏس ۾ نادرا سان سڌوسنئون 5 سالا معاهدو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. منصوبابندي واري وزير ڪابينا کي ڳڻپ واري وفاقي اداري پاران تازو ئي ڪيل سروي جي بنياد تي ڪورونا وبا جي اثرن جي نتيجن تي بريفنگ ڏ??ند?? ٻڌايو ته اپريل ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ آبادي جي آمدني تقريبن ختم ٿي چڪي هئي. حڪومت جي دانشمنداڻي حڪمت عملي، مڪمل لاڪ ڊائون بدران سمارت لاڪ ڊائون جي پاليسي ۽ اڏاوتن ۽ مي??وفيڪچرنگ سيڪٽر ۾ فيصلاسازي جي ڪري 2 ڪروڙ آبادي جي آمدني بحال ٿي. منصوبابندي واري وزير وڌيڪ ٻڌايو ته وزيراعظم جي وق?? سر فيصلي جي ڪري ڪجهه مهينن جي عرصي ۾ اٽڪل 95 سيڪ??و ماڻهو جن جو روزگار ختم ٿي چڪو هو، بحال ٿيو. بعد ۾ ٽرانسپورٽ جو شعبو به کوليو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته لاڪ ڊائون دوران اٽڪل 80 سيڪ??و ماڻهن جو روزگار ڪنسٽرڪشن، 72 سيڪڙو جو مي??وفيڪچرنگ جڏهن ته 67 سيڪ??و ماڻهن جو روزگار ٽرانسپورٽ جي شعبن سان واڳيل هو.
وزيراعظم جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : loteria estadual