اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي ڪووڊ – 19 مان جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. صدر جي نالي پنهنج?? هڪ پيغام ۾ سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته اسان کي توهان جي ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيڻ جو اطلاع مليو آهي، اسان توهان جي سدائ??ن بهتر صحت، خوشي ۽ جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا. واضح رهي ته صدر عارف علوي جو 29 مارچ ??ي ڪورونا ٽيسٽ م??بت آيو هو. ان کان اڳ سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ و??ي عهد شهزاده محمد بن سلمان وزيراعظم عمران خان جي ڪورونا ٽيسٽ م??بت اچڻ تي کيس به بهتر صحت ۽ جلد صحتيابي لاءِ نيڪ تنمائن جو پيغام موڪليو هو
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná