اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هر جڳهه مافيا ويٺل آهي جيڪا تبديلي اچڻ نه ڏئي رهي آهي، ڪرپٽ نطام مان فائدو کڻندڙ 30 سالن تائين ملڪ کي ڦريندڙ هر قسم جا حربا استعمال ڪري رهيا آهن، قوم منهنجو ساٿ ڏي مافيا جو مقابلو ڪ??ي ڏيکاريندس، طاقتور کي قانون جي ??يٺ آڻڻ جهاد آهي، بيشڪ منهنجي حڪومت هلي وڃي اين آر او نه ڏيندس، شهباز شريف ملڪ کان ٻاهر ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ناڻي واري وزير کي مهانگائي گهٽ ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي، خطي جي ??ين ملڪن جي ڀ??ٽ ۾ پاڪستان ۾ قيمتون گهٽ آهن، پاڪستان ۾ عدليه آزاد آهي، خوف ڪهڙي ڳالهه جو آهي، عدالتن ۾ اچي پنهنجي صفائي پ??ش ڪن، اين آر او جي انتظار ۾ ٻاهر وڃي ڇو ويٺا آهن، آبادگار خوشحال ٿي ويا آهن، زرعي سڌارا آڻي رهيا آهي??ن، آبادگار ڪارڊ متعارف ڪرائي رهيا آهي??ن، صحت ڪارڊ سان ملڪ ۾ انقلاب ايندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي تي ”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ عوام جي سڌوسنئون سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا جي ??هرين ۽ ٻي لهر ۾ قوم تعاون ڪيو ۽ ٽئين لهر ۾ به الله جي ??ضل ۽ ڪرم ۽ خوشقسمتي سان خطي جي ??ين ملڪن جي ڀ??ٽ ۾ اسان جي صورتحال تمام بهتر آهي، ڀارت ۾ ڪورونا سان پيدا ٿيندڙ صورتحال جي ڪري 22 ڪروڙ ماڻهو غربت جي ??ڪير هيٺ هلي ويا آهن پر پاڪستان ۾ الحمدالله ڀارت، بنگلاديش، نيپال ۽ ايران سميت خطي جي ??ين ملڪن جي ڀ??ٽ ۾ صورتحال بهتر آهي. وزيراعظم قوم کي تاڪيد ڪئي ته اها عيد جي ??وڪلن دوران خاص طور تي احتياط کان ڪم وٺي ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي بزرگن جو خيال رکن ڇو ته اسان جيترو وڌيڪ احتياط ڪنداسين ايترو جلد ان وبا تي ضابطو آڻي وٺنداسين.
هر جڳهه مافيا ويٺل آهن جيڪا تبديلي اچڻ نه ڏئي رهيا آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : números dupla sena