لاهور – 25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ??ان گورنر هائوس لاهور ۾ پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور ملاقات ڪئي، ان موقعي تي سياسي ۽ حڪومتي معاملن سميت پنجاب آب پاڪ اٿارٽي جي 1500 کان وڌيڪ جاري منصوبن، جي ايس پي پلس اسٽيٽس ۾ توسيع جي لاءِ يورپي پارليامينٽ ميمبرن سان ??ابطن ۽ پنجاب جي يو??يو??سٽين ۾ سڌارن سميت ٻين معاملن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور وزيراعظم عمران ??ان کي ٻڌايو ته جي ايس پي پلس اسٽيٽس ۾ توسيع جي معاملي تي آئون يورپي پارليامينٽ جي نائب صدر ڊاڪٽر فابيو سميت ٻين پارليامينٽ ميمبرن سان مڪمل رابطي ۾ آهيان ۽ جلد يورپي پارليامينٽ جو دورو پڻ ڪري رهيو آهيان ??نهن جي لاءِ حڪمت عم??ي جي تياري شروع ڪئي وئي آهي. پنجاب جي گورنر وزيراعظم کي ٻڌايو ته پنجاب آب پاڪ اٿارٽي جي لاهور سميت سڄي پنجاب ۾ 1500 منصوبن تي تيزي سان ڪم جاري آهي جنهن جي ذريعي اٽڪل 8 ملين ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاني ملندو ۽ اهي سمورا منصوبا هلندڙ سال ڊسمبر تائين مڪمل ٿي ويندا. هن چيو ته سمورن منصوبن ۾ شفافي?? کي سئو سيڪڙو يقيني بڻايو پيو وڃي ۽ انهن منصوبن ۾ ڪنهن قسم جو سياسي فرق نه ڪيو ويو. چوڌري محمد سرور وزيراعظم عمران ??ان کي وڌيڪ ٻڌايو ته پنجاب جي سمورين يو??يو??سٽين ۾ سڌارن تي تيزي سان ڪم جاري آهي. هن چيو ته يو??يو??سٽين جي معاملن جي فائيلز جي عم?? کي وقت سر مڪمل ڪرڻ ۾ پاڻ بطور يو??يو??سٽيز چانسلر سمورن معاملن جي نگراني ڪري رهيو آهيان ۽ الحمدالله اڄ پنجاب جي يو??يو??سٽين جو ڳاڻيٽو دنيا جي بهترين يو??يو??سٽين ۾ ٿي رهيو آهي. وزيراعظم عمران ??ان پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور کي پنجاب آب پاڪ اٿارٽي جي منصوبن ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عوام کي صحت ۽ تعليم سميت ٻين شعبن ۾ سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي جنهن جي لاءِ سمورا حڪومتي وسيلا استعمال ۾ آندا پيا وڃن. هن چيو ته حڪومت جي ڪامياب پاليسين جي ڪري پاڪستان معاشي طور تي پڻ مضبوط ٿي رهيو آهي.
وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ