اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري بلوچستان يونيورسٽي گيٽ آڏو ڌماڪي جي مذمت ڪندي ان ۾ قيمتي انساني ج??نين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظه??ر ڪيو آهي. پنهنجي ج??ا جدا مذمتي بيانن ۾ هنن متاثر خاندانن سان دلي همدردي جو اظه??ر ڪيو ۽ ڌماڪي ۾ زخمين کي هر ممڪن ط??ي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هنن چيو ته ڌماڪي ۾ ملوث عنصر انسانيت جا دشمن آهن. شرپسند عنصر بلوچستا?? صوبي جي امن کي سبوتاز ڪرڻ چاهين ٿا، انهن کي پنهنجي ڪڌي مقصدن ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿيندي. هنن الله تعاليٰ کان ڌماڪي ۾ فوت ٿيندڙن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي ۽ پونئيرن کي ان ناقابل تلافي نقصان کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ صبر جميل عطا فرمائڻ جي دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال