اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي. ان م??قعي تي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز خطبو ڏنو، هن پنهنجي خطبي ۾ حضور اڪرم ﷺ جي س??رت ۽ زندگي مبارڪ تي روشني وڌي.
هن چيو ته اس??ن جي نبي حضرت محمد ﷺ عورتن ۽ ٻارڙين جا حق ادا ڪرڻ ۽ انهن جي احترام جو عملي طور تي درس ڏنو ۽ هن معاشري ۾ باعزت ۽ باوقار مقام ڏنو. هن چيو ته اس??ن کي ??ضور ﷺ جي تعليمات کي پنهنجي زندگين ۾ اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر قبله اياز چيو ته عورتن جي وراثتي حقن جي حوالي سان الله تعاليٰ واضح حڪم ڏنا آهن، پاڪستان ۾ عورتن جي حقن جي تحفظ جا قانون م??جود آهن. اس??ن جي ذميداري آهي ته انهن قانون جي عملدرآمد جي حوالي سان ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪيو وڃي. ان م??قعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لا3 دعا گهري وئي.