اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمو?? قريشي سان پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ برطاني?? جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سمي?? گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان برطانيه سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۾ برطانيه ۾ رهندڙ 16 لک پاڪستانين جو ڪردار خصوصي اهميت رکندڙ آهي، شاهه محمو?? قريشي چيو ته پاڪستان برطانيه سان واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ لاءِ اسٽريٽجڪ حصيداري جو خواهشمند آهي، برطانوي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر پاڪستان ۽ برطاني?? جي وچ ۾ ٻرطرفي لاڳاپن جي فروغ لاءِ پنهنج?? ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي.
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ