اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پيپلز??ار??ي بلدياتي ادارن کي مفلوج بڻائي نظام هلائڻ چاهي ٿي، اهو ڪارو قانون آهي، اڄ ملڪ جون جيڪي معاشي حالتون آهن ان جو ذميدار بلاول جو والد زرد??ري آهي، بلاول زرد??ري جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ هن چيو ته زرد??ري ملڪي ناڻي کي بي دردي سان لُٽيو، جعلي اڪائونٽس ٺاهيا، مني لانڊرنگ ڪئي، پيپلز??ار??ي علائقائي ??ار??ي بڻجي چڪي آهي، هاڻي سنڌ مان به پيپلز??ار??ي جو صفايو ٿيڻ وڃي رهيو آهي. فرخ حبيب چيو ته 13 سان کان پيپلز??ار??ي سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آهي، پر ڪو به هڪ وڏو منصوبو سنڌ جي عوام کي نه ڏئي سگهي، گرين لائين بس، سرڪلر ٽري??، نالن جي صفائي، سنڌ جي پوئتي پيل علائقن جي ترقي جي منصوبن تي به وفاق ڪم ڪندو نظر اچي ٿو. سنڌ جي عوام بلاول، زرد??ري ۽ ڪڻڪ چورن کان ڇوٽڪ??ري چاهي ٿي. مملڪتي وزير چيو ته بلاول ٻڌائي ته انهن ڪوئن جو ڇا ڪيو جيڪي اربين روپين جي ڪڻڪ کائي ويا آهن، پيپلز??ار??ي حڪومت سنڌ جي عوام کي وڌيڪ اگهه وٺندڙ، ٽينڪر مافيا، ڏوه??ري پيشيور ماڻهن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي، ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ جيڪڏهن اٽو ۽ ڪڻڪ سڀ کان مهانگو وڪرو ٿي رهيو آهي ته اهو سنڌ جو علائقو آهي، پيپلز??ار??ي جعلي ڊوميسائيل تي ڀرتيون ڪري ڪراچي ۽ ٻين ضلعن جي مقامي ماڻهن جو حق ماريو آهي.
پيپلزپارٽي بلدياتي ادارن کي مفلوج بڻائي نظام هلائڻ چاهي ٿي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری