اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان کي گورنر راڄ جي ڪا به ضرورت نه آهي ۽ نه ئي اسان جو اهڙو ڪو ارادو آهي، تحريڪ انصاف ۾ مائنس ون جي ڪا به گنجائش نه آهي، بي اعتمادي رٿ جو مقابلو ڪنداسين ۽ کين انشاءُ الله شڪست ڏينداسين. اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين ۽ منصوبابندي واري ??فاقي وزير اسد عمر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو پوليٽيڪل ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان مشاورت ٿي. فيصلو ٿيو آهي ته اسان بي اعتمادي رٿ جو مقابلو ڪنداسين ۽ کين انشاءُ الله شڪست ڏينداسين. شاهه محمود قريشي چيو ته آئون ان ابهام کي ختم ڪرڻ چاهيان ٿو ته اسان جمهوري ??اڻهو آهيون، ڪنهن به طرح جي رڪاوٽ نه وجهنداسين، اهو به واضح ڪريان ٿو ته سنڌ ۾ گورنر راڄ جو ڪو به ارادو نه هو نه آهي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته سيد غني ۽ بلاول پٽ هروڀرو پريشان نه ٿين، اسان جي اتحادين جي ب??ري ۾ قياس آرايون ٿي رهيون آهن، آئون مسلسل چئي رهيو آهيان ته اسان جا اتحادي اسان کي نه ڇڏيندا، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته آئون چوڌري صاحبن کي چڱي طرح سڃاڻان ٿو، هو جذباتي نه سياسي فيصلا ڪندا آهن، کين پتو آهي ته ن ليگ انهن لاءِ ڪيتري گنجائش رکي ٿي. هن چيو ته 2018ع ۾ انهن جي رستي ۾ رنڊڪون ن ليگ وڌيون، سياسي سوچ رکندڙ ڄاڻن ٿا ته چوڌري ڀائر ڏاها ماڻهو آهن ڪو غير سياسي فيصلو نه ڪندا. پرڏيهي وزير چيو ته ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي جي??و ايم ڪيو ايم سان سلوڪ ڪيو اهو سڀني جي ڄاڻ ۾ آهي، ايم ڪيو ايم وارا سياسي ماڻهو آهن اهي گذريل چئن سالن ۾ ايم ڪيو ايم سان پيپلزپارٽي جي سلوڪ کي نه وساريندا، اهي ماڻهو جي??ي سنڌ هائوس ۾ آهن اهي سياسي ماڻهو آهن کين پتو آهي ته آئين ۽ قانون جو ڪهڙي گهرج آهي، هو بيٽ جي نشان تي کٽي آيا آهن هو ڪنهن مخالف جي هنج ۾ نه ويهندا. شاهه محمود قريشي چيو ته ن ليگ ماضي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي ٽڪيٽن جا واعدا ڪيا جي??ي وفا نه ٿيا، اهي اسان جا ساٿي آهن اسان انهن کي چونداسين ته هو سياسي هم منصبن جي هنج ۾ نه ويهن، آئون انهن کي چوندس ته اهي ٿڌي دل سان ان تي غور ڪن. هن چيو ته اڄ پوليٽيڪل ڪميٽي وزيراعظم جي صدارت ۾ فيصلو ڪيو آهي ته جي??ڏهن ڪو ان اپيل جي باوجود ڦري ??ڇي ٿو ته ان کي شوڪاز نوٽيس ج??ري ڪيو ويندو. آئون واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته تحريڪ انصاف ۾ مائنس ون جي ڪا به گنجائش نه آهي، ماضي ۾ جڏهن پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي دورن م مائنس ون جي ڳالهه ڪئي وئي ته ڇا ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي ان تي اتفاق ڪيو، اڄ شهباز شريف، نواز شريف جي جڳهه نٿو وٺي سگهي، شاهه محمود قريشي چيو ته عمران خان باني آهي هن تحريڪ انصاف جو ٻوٽو لڳايو آهي، اڄ الحمد الله چار حڪومتون هن قائم ڪيون آهن، سنڌ ۾ به تبديلي جي هوا ڏسي آيو آهيان، مخالف ڌر کي ان ڳالهه تي ضرور غور ڪرڻ گهرجي ته افغانستان جي صورتحال ڪهڙي آهي، هن چيو ته هندستان اڃان تائين حادثاتي طور تي هلايل ميزائل جي ڪا وجهه نه ڏئي سگهيو، يوڪرين جي صورتحال جي ڪري ??عيشتون شديد متاثر ٿي رهيون آهن، ڇا ان صورتحال ۾ ملڪ عدم استحڪام جي سٽ سهي سگهي ٿو؟ آئون اڄ پنهنجي دوستن کي به چوندس ته پنهنجي گفتگو ۾ پارلياماني لهجو استعمال ڪن ۽ لفظن جي چونڊ ۾ احتياط ڪن. شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ پوليٽيڪل ڪميٽي جي اجلاس ۾ سڀني جي مفتقه راءِ هئي ته نه اسان کي گورنر راڄ جا ضرورت آهي ۽ نه ئي ارادو آهي. بي اعتمادي رٿ انهن جو آئيني حق آهي اسان مقابلو ڪنداسين، اسان جو ٽڪراءُ جو ڪو به ارادو نه هو ۽ نه آهي، تازو پيپلزپارٽي وارا سرڪاري ??سيلن تي مارچ وٺي اسلام آباد آيا اسان ڪا رڪاوٽ نه وڌي.
اسان کي گورنر راڄ جي ڪا به ضرورت نه آهي ۽ نه ئي اهڙو ارادو آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن