اسل??م آباد – 28 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسل??م آباد آرٽ گئلري ايف نائين جو دورو ڪيو. هن آرٽ گئلري ۾ امجد شاهه آفريدي جي فن پارن ۽ تصويرن جي نمائش ڏٺي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر کي اسل??م آباد آرٽ گئلري جي چيف ڪيوريٽر جمال شاهه، امجد شاهه آفريدي جي فوٽو گرافي ۽ فن پارن جي باري ۾ بريفنگ به ڏني. صدر اسل??م آباد آرٽر گئلري ۾ موجود فن پارن کي ساراهيو. ان موقعي تي صدر سرڪاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسل??م آباد ۾ اهڙين وڌيڪ آرٽ گئلرين جي ضرورت آهي، امجد شاهه آفريدي حڪومت جو هڪ ايماندار بيوروڪريٽ هو. هن چيو ته امجد شاهه آفريدي جا فن پارا زنده فن جو نمونو آهن، ان جي فن پارن جي نمائش ٻين ماڳن تي به ٿيڻ گهرجي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام